Friday , March 29 2024

عمران خان جو آصف زرداري تي 35 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪرڻ جو الزام

شهدادڪوٽ ( رپورٽر     سنڌسماءَچار) عمران خان الزام هنيو آهي ته، اڳوني صدر آصف زرداري سنڌ جي دولت مان 35 ارب رپيا مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه منتقل ڪيا ۽ سنڌ ۾ واسي پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ ڪري ڪاري ڪامڻ جي مرض ۾ چُڙي چُڙي مري رهيا آهن، نوجوان بيروزگاري سبب آپگهات پيا ڪن. شهداد ڪوٽ ۽ سکر ۾ جلسن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڦرلٽ سنڌ ۾ ٿي آهي، سنڌ جون حالتون بلوچستان کان به وڌيڪ خراب آهن، لکين ماڻهو هيپاٽائيٽس ۽ ٻين بيمارين ۾ ورتل آهن، پر ڪا به وڏي اسپتال نظر نه پئي اچي، شهدادڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 25 جولاءِ تي سنڌ جا ماڻهو تبديلي لاءِ پنهنجو فيصلو ٻڌائين، ان کان اڳ اسلام آباد ۾ پارٽي منشور جو اعلان ڪندي عمران خان چيو ته 5 سالن ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون  ڏينداسين ۽ 50 لک گهر به ٺهرائينداسين.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ نوازشريف جو چارٽر آف ڊيمو ڪريسي اصل ۾ چارٽر آف ڪرپشن هئي، زرداري ۽ نواز ڪرپشن ۾ هڪ ٻئي جا مددگار رهيا آهن.سکر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته شوباز  شريف چيو هيو ته زرداري کي روڊن تي گهليندم، پر چونڊن کان پوءِ هن زرداري کان معافي وٺي ڇڏي.نواز ۽ زرداري پنهنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ جمهوريت کي بچائڻ جو ڳالهيون ڪندا آهن. عمران خان چيو ته10 سال زرداري ۽ نواز جي حڪومت رهي جنهن سبب  ملڪ مٿان قرض 27 هزار ارب ٿي ويو ۽ ڊالر 65 کان  وڌي 125 روپين جو ٿي ويو. زرداري چوندو آهي  ته نواز ڪرپٽ آهي ۽ نواز چوندو آهي ته زرداري ڪرپٽ آهي، جڏهن نوازشريف مشڪل ۾ آيو ته زرداري کيس بچائي ورتو.  هن چيو ته سنڌ ۾ هر پروجيڪٽ تي فريال ٽالپر جي حصو مقرر هوندو آهي، جنهن ڪري روڊ صرف ڪاغذن ۾ تعمير ٿيندا آهن. عمران خان چيو ته خورشيد شاهه اصل ۾ ڊبل شاهه آهي، جنهن جو ضمير ڪرپشن جي ڪري جاڳي ئي نٿو.عمران خان چيو ته سنڌ ۾ ايتري ڪرپشن ٿي آهي جو هتان جي عوام جي حالت بلوچستان جي ماڻهن کان به خراب آهي. هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي فريال ٽالپر ووٽرن کي ڌمڪيون ڏيندي نظر اچي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *