Friday , April 19 2024

عمران خان اي ايف سي مان صوبن جو 3 سيڪڙو فاٽا لاءِ ڪٽوتي جي تياري شروع

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته، فاٽا جي لاءِ اين ايف سي مان صوبن کي ملندڙ رقم مان 3 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم فاٽا سڌارن ۽ انضام بابت ٿيل اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو تي، ڪجهه ڌريون فاٽا جي انضمام جي خلاف آهن، پر  انهن کي گڏجي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته، اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن کي سندن حصي جي رقم جاري ڪئي ويندي آهي ان مان 3 سيڪڙو ڪٽوتي ڪري فاٽا کي ڏينداسين. عمران خان ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت سميت لاڳاپيل وفاقي اختيارين کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته فاٽا جي عوام جي ڀلائي لاءِ  سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻوپوندو. اجلاس ۾ ڪي پي جي وڏي وزير، گورنر، مذهبي معاملن  جي  وفاقي وزير نورالحق قادري ۽ فاٽا سان واسطو رکندڙ سينيٽرز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *