Tuesday , April 16 2024

علي محمد مهر هن ڀيري آزاد حيثيت ۾ چونڊجڻ بعد وري نئين پارٽي ۾..!!

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَ چار) گهوٽڪي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 205 تان آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيل سنڌ جو اڳوڻي وڏي وزير علي محمد مهر رهيل سياسي  پارٽي جو بيج لڳائي ڇڏيو آهي، علي محمد مهر بني گالا ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ، علي محمد مهر چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ جمهوريت خاطر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيو آهي.  سردار علي محمد مهر بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات بعد پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو باضابطه اعلان ڪيو. عمران خان سان ملاقات بعد پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي علي محمد مهر چيو ته ملڪ ۾ عمران خان کان بهتر ڪو به سياستدان نه آهي، کيس سندس قيادت تي مڪمل اعتماد آهي.ان موقعي تي جهانگير ترين دعويٰ ڪئي ته وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف جا نمبر پورا ٿي ويا آهن، اسان وفاق سان گڏ پنجاب ۾ به حڪومت ٺاهينداسين. جهانگير ترين چيو ته پي ٽي آءِ کي هن وقت قومي اسيمبلي جي 13 مان 9 آزاد اميدوارن ۽ پنجاب اسيمبلي جي 28 مان 25 آزاد اميدوارن جي حمايت حاصل آهي.

ڪراچي(رپورٽر اصغر آزاد   سنڏسماءَچار) علي محمد مهر، جيڪو گهوٽڪي جي مهر ڪٽنب جو هڪ اهم فرد آهي، اهو پيپلز پارٽي ۾ هجڻ کانپوءِ هم خيال مسلم ليگ ۽ بعد ۾ ق ليگ ۽ ايس ڊي اي يعني جنرل (ر) پرويز مشرف سان سان به گڏ رهيو ۽ سنڌ جو وڏو وزير به مشرف جي مهربانين سان ٿيو هو، جنهن کي وري ٿر ۾ لڳ ڀڳ 90 سالن کان بادشاهت ڪندڙ ارباب خاندان جي فرد ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم هٿان پنهنجي وڏ وزارت وڃائي هئي. علي محمد مهر ، مهر ڪٽنب سان گڏ وري پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، 2008 کان وٺي مهر خاندان پ پ سان گڏ اقتدار ۾ رهيو. 2018 جي چونڊن کان ڪجهه وقت اڳ ۾ مهر خاندان بظاهر اختلافن جو راڳ ڳائڻ بعد علي محمد مهر آزاد، راجا خان مهر جي ڊي اي ۽ سردار محمد بخش مهر پ پ پ جي پليٽفارم تان اليڪشن ۾ حصو ورتو، پر محمد بخش مهر نامزدگي فارمن ۾ غلط معلومات ڏيڻ جي ڪارڻ اليڪشن جي ڊوڙ کان ئي ٻاهر ٿي ويو. علي محمد مهر آزاد حيثيت ۾ ايم اين اي چونڊجي ويو. مهر خاندان ڪڏهن ب ه اقتدار کان ٻاهر ناهي رهيو، ان ڪري علي محمد مهر پي ٽي آءِ کي وفاق ۾ اقتدار ملندو ڏسي آخرڪار پي ٽي آءِ ۾ شاملم ٿي ڪپتان جو کلاڙي بڻجي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *