Thursday , April 25 2024

علي رضا عابدي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ چاهيو پئي: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته، علي رضا عابدي پ پ ۾ شامل ٿيڻ پئي چاهيو، هن آصف زرداري سان به ملاقتون ڪيون هيون، پر آخري وقت تي هن شموليت وارو فيصلو ملتوي ڪيو. سعيد غني پاران علي رضا عابدي جي قتل کان فوري پوءِ ٽويٽ پيغام ۾ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته، علي رضا عابدي سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، جيڪي هن ۽ علي رضا ميڊيا سميت ٻيو ڪنهن کي به نه ٻڌايون. علي رضا عابدي جي قتل تي کيس دلي ڏک پهتو آهي. ٽويٽ پيغام ۾ سعيد غني اهو به پهريون ڀيرو انڪشاف ڪيو آهي ته، علي رضا عابدي 2018 جي عام چونڊن کان اڳ ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ پئي چاهيو، پر خبر ناهي ڇو هُو فيصلو نه ڪري سگهيو. سعيد غني پنهنجي ٽويٽ سان گڏ علي رضا عابدي جي آصف زرداري سان ٿيل ملاقات واري تصوير به جاري ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *