Thursday , April 18 2024

عشق ۾ انڌي ٿيل فيس بڪي عاشق محبوبا جي معصوم ڀاءُ کي بيدردي سان ماري ڇڏيو، همراهه ٻڌجي پيو

tania bhutto 01

شڪارپور ۾ جنوني عاشق ۽ محبوبا پنهنجي هڪ ٿيڻ لاءِ انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، محبوبا پاران ڪنهن به صورت ۾ ٻئي هنڌ ٿيندڙ شادي روڪرائڻ جي اسرار تي عاشق سندس معصوم ڀاءُ کي بيدردي سان ماري لاش درياھ ۾ لوڙهي ڇڏيو.

شڪارپور جي رهواسي فيس بڪي عشق ۾ انڌي ٿيل عاشق شاھ محمد ڀٽو پنهنجي پريميڪا تانيا ڀٽو جو ٻئي هنڌ رٿيل مڱڻي کي روڪرائڻ لاءِ سندس 8 ورهين جي معصوم ڀاءُ جواد ڀٽو کي اغوا ڪرڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار معصوم نينگر کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش سکر کڻي بئراج تان درياھ ۾ اڇلائي ڇڏيو. اهڙو انڪشاف ٿيڻ بعد پوليس هٿان گرفتار ڪيل جوابدار پاڻ پوليس آڏو اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڪيو آهي. شڪارپور پوليس نينگر جو لاشس ھٿ ڪرڻ لاءِ معصوم نينگر جي قاتل کي ساڻ ڪري ڊي ايس پي سٽي عبدالحميد پنهور جي اڳواڻي ۾ سکر سنڌو درياهه تي پهتي. جتي جوابدار کان واقعي بابت ريهرسل ڪرائي وئي، جنهن دوران کيس هڪ نينگر ۽ موٽرسائيڪل ڏني وئي، جتي هن نينگر کي گهٽا ڏئي درياهه ۾ اڇلائڻ وارو واقعو بيان ڪيو ۽ ٻُڌايو ته نينگر کي پل جي 53 نمبر دروازي وٽان پاڻي ۾ اڇلايو هو، جنهن کانپوءِ پوليس نينگر جو لاش ھٿ نه اچڻ تي جاءِ واردات تان هڪ ٻارڙي جي چپل جو پادر کڻي واپس لکيدر ٿاڻي تي موٽي آئي، جتي نينگر جي امڙ پادر سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ دانهون ڪندي روئندي رهي، ياد رهي ته شھر جي لکيدر ٿاڻي جي حد پير واصل شاھ ڀٽا پاڙي ۾ ڪراچي کان ناناڻن وٽ گهمڻ آيل 8 ورهين جو نينگر جواد علي ڀٽو ولد مجاهد ڀٽو هڪ هفتو اڳ گم ٿي ويو هو، جنهن جي وارثن پاران حد جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي شاھ محمد ڀٽو نالي شخص کي سوگهو ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي، جتي جوابدار پاران پوليس ۽ نينگر جي وارثن اڳيان ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو هو ته منهنجو 18 مهينا اڳ تانيا ڀٽو سان فيس بڪ تي عشق ٿيو هو، جنهن جو رشتو ٻئي هنڌ ٿي رهيو هو ته تانيا مون کي ڪنهن به طريقي سان مڱڻو روڪرائڻ جو چيو، جنهن کانپوءِ شڪارپور گهمڻ آيل سندس ڀاءُ کي اغوا ڪري موٽرسائيڪل تي سکر کڻي ويو هئس ۽ کيس لڪائڻ جي جاءِ نه ملڻ کانپوءِ گهٽا ڏئي قتل ڪري سندس لاش سکر واري پل وٽان سنڌُو درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي، پوليس پاران واقعي بابت گرفتار ڪيل جوابدار شاھ محمد ڀٽو ۽ سندس پريميڪا تانيا ڀٽو کي اڻڄاتل هنڌ بند ڪري کائن وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ سندن فون رڪارڊ پڻ ھٿ ڪيو ويو آھي، جڏھن ته اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي ناهي سگهيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *