Thursday , March 28 2024

عزيزيه اسٽيل ملز ۽ لنڊن فليٽ ڪرپشن: نوازشريف، حسن، حسين ۽ مريم نواز کي نوٽيس جاري

Panama-Leaks 2

اسلام آباد جي احتساب عدالت فليگ شپ ريفرنس کانپوءِ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ لنڊن فليٽس واري ريفرنس  ۾ به نوازشريف، سندس  پٽن حسن، حسين، ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر کي به 19 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو، اثاثي ڪيس ۾ جاچ لاءِ اسحاق ڊار به 20 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت فليگ شپ ريفرنس کانپوءِ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ لنڊن فليٽس واري ريفرنس  ۾ نوازشريف، سندس  پٽن حسن، حسين، ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر کي 19 سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي لنڊن فليٽس ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ نوٽيسز جاري ڪندي 19 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 19 هين سيپٽمبر تي طلب ڪيو آهي، جڏهن ته  لنڊن فليٽس ريفرنس ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي ڌار ڌار نوٽيسز جاري ڪندي 19 هين سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ لاءِ اڳ ۾ ئي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. احتساب عدالت لنڊن فليٽس ريفرنس ۾ مريم نواز، حسين ۽ حسن نواز کي به طلب ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت، العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس، لنڊن فلٽس ڪيسن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس پٽن حسين، حسن نواز کي طلب ڪيو آهي. واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پنهنجي گهرواري ڪلثوم نواز جي علاج سبب لنڊن ۾ موجود آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *