Thursday , March 28 2024

عذرا پيچوهو جي بيان بعد مونکي ۽ منهنجي ڪٽنب جي جان کي خطرو آهي: متاثر شاگردياڻي

نوابشاهه( خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) شهيد بينظير يونيورسٽي نواب شاهه ۾ استاد جي مبينا طور هيسايل شاگردياڻي فرزانا صوبائي وزير عذرا پيچوهو جي بيان کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته عذرا افضل پيچوهو جي بيان بعد مونکي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي جان جو خطرو آهي، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس کي نوٽيس وٺي تحفظ ڏئي انصاف ڏياريڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. فرزانا جمالي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾  چيو آهي ته صوبائي وزير عورت هئڻ باوجود انهن ماڻهن جو ساٿ پئي ڏئي، جيڪي نياڻين جي تعليم جا دشمن آهن. هن چيو ته  صوبائي وزير جي بيان کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير  پاران قائم ڪيل جاچ ڪميٽي تي ڪو به اعتبار نه آهي. فرزانا جمالي جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت واري جاچ ڪميٽي تي اعتبار پهريان به نه هو، ان باوجود به اسان ان ڪميٽي آڏو بيان قلمبند ڪرايا. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ به معاملي جي جاچ لاءِ سيشن جج نوابشاهه کي مقرر ڪيو هو، ان به بيان رڪارڊ ڪيا آهن، پر  تعجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته ٻنهي ڪميٽين جي رپورٽس اچڻ کان اڳ ئي صوبائر وزير عذرا پيچوهو مونکي ڪوڙو قرار ڏئي مونسان ٿيل ناانصافي کي ڊرامو قرار ڏئي رهي آهي، جنهن مان به ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت وي سي ۽ پروفيسر جي ڌر بڻيل آهن، هن چيو ته هاڻ منهنجي ۽ خاندان جي حياتين کي خطرو آهي، فرزانا جمالي سنڌ جي چيف جسٽس کي  اپيل ڪئي آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *