Friday , March 29 2024

عدالت گهريلو ملازمه راڌا ڀيل جو مبينا قتل لوڙهڻ کان بچائي ورتو، راڄوڻي فيصلو رد

Sanghar Map

سانگهڙ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ واپاري رتن ڪمار جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ گهريلو ملازمه ناري راڌا جي مبينا قتل واري معاملي کي بااثر واپاري پاران معاملو لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي. واپاري رتن ڪمار ناري جي وارثن سان معاملو راڄوڻي ذريعي حل ڪرڻ واري ٺاهه جو بيان / قسم نامو عدالت ۾ پيش ڪيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ون واپاري پاران پيش ڪيل صلح نامي کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت گهريليو ملازمه جي پراسرار موت / مبينا قتل واري معاملي کي راڄوڻي ٺاهه ذريعي معاملو لوڙهڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي.

عدالت پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ناري راڌا جي موت واري معاملي جي ايماندار آفيسر کان اڻڌري جاچ ڪرائي معاملي جون اصل حقيقتون معلوم ڪيون وڃن. عدالت پويلس کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

Protest skatchRadha Bheel

ٻي طرف سانگهڙ جي سڄاڻ ڌرين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ کي اپيل ڪئي آهي ته، راڌا ڀيل واري معاملي جو نوٽيس وٺي. هنن چيو ته جيڪا بااثر واپاري رتن ڪمار جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، ان جو واپاري جي گهر مان لاش مليو هو، جنهن کي  واپاري آپگهات جو ڪارڻ قرار ڏنو هو. هنن چيو ته معجاملو منظر تي اچڻ بعد ان جو ڪيس داخل ٿيو ته بااثر واپاري رتن ڪمار، راڌا جي غريب، مسڪين ۽ بي پهچ وارثن تي دٻاءُ وجهي معاملي کي لئي مٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته راڌا جي قتل ڪيس داخل نه ڪرائڻ ۽ وڌيڪ معاملي کي اڳتي نه وڌائڻ لاءِ واپاري راڌا جي والدين کي پئسن جي لالچ ۽ ڌمڪيون ڏئي ساڻن راڄوڻي ذريعي ٺاهه ڪيو جنهن  معاهدي جي لکت به ڪئي وئي. ان سڄي مامري ۾ پوليس به بااثر واپاري جي ڀر کڻي بيهي رهي ۽ قتلجي الزام هيٺ آيل جوابدار کي به گرفتار ڪرڻ بعد وري ڇڏي ڏنو. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪيس جي آزاداڻي ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي ايستائين الزام هيٺ آيل واپاري رتن ڪمار کي حراست ۾ وٺي راڌا جي وارثن کي تحفظ مهيا ڪيدو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *