Friday , April 19 2024

عدالتي واٽر ڪميشن پاران آر بي اوڊي رٿا تي وفاق ۽ سنڌ جي تڪرار جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

جسٽس اقبال ڪلهوڙوJustice Iqbal

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن وفاقي سرڪار جي فنڊنگ ذريعي هلندڙ آر بي او ڊي 2 کي مڪمل ڪرڻ بابت 11 مئي تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ٿيل گڏجاڻي جا منٽس طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي نساسڪ ۽ ٻين معاملن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد لاءِ تفصيلي رپورٽ 3 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت سمنڊ ڪناري ڪچري اڇلائڻ ۽ سيوريج توڙي صنعتي ادارن مان نڪرندڙ گندي پاڻي کي سمنڊ ۾ ڇوڙ بابت ڪي پي ٽي جي سربراهه کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي.

Shahab-Ustoشهاب اوستو

ڪميشن جي ٻڌڻي دوران وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار ۾ آر بي او ڊي ۽ بچاءُ بندن لاءِ فنڊز جي فراهمي بابت پڻ اختلاف سامهون اچي ويا آهن. رٿابندي جي وفاقي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته، آر بي اوڊي سميت مختلف مامرن تي ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ سنڌ سرڪار آر بي او ڊي ۽ بچاءُ بندن لاءِ 14 ارب رپيا فراهم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ سيد چيو ته ڄاڻايل گڏجاڻي ۾ سنڌ  سرڪار پاران 14 ارب رپين جي فراهمي بابت ڪا به پڪ ناهي ڪرائي. وفاقي سيڪريٽري جي اهڙي موقف تي ڪميشن ڄاڻايل گڏجاڻي جا منٽس ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتا آهن.

LBOD03

بدين ۾ سمنڊ جون تباھ ڪاريون

درخواستگذار شهاب اوستو چيو ته سپريم ڪورٽ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت اختيارين کي جيڪو حڪم ڏنو هو، ان تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت هن وقت تائين سيپا جي ليبارٽري ۽ ڪراچي جي فلٽر پلانٽس سميت ليبارٽرين کي فنڪشنل بڻائڻو هو. ليبارٽريز کي اپگريڊ ڪرڻو هو ۽ عملي کي تربيت ڏيڻي هئي، جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ هڪ مهيني جو وقت ڏنو هو پر هاڻي هڪ مهيني بدران ٻه مهينا ٿي ويا آهن. ان موقعي تي واٽر بورڊ پاران ٻڌايو ته واٽر بورڊ جي ليبارٽريز جي عملي کي تربيت ڏني پئي وڃي. ليبارٽرين کي اپگريڊ ڪرڻ ۽ فلٽريشن جو ڪم به هلندڙ آهي. ان موقعي تي واٽر ڪائونسل جي ڊاڪٽر مرتضيٰ ٻڌايو ته واٽر بورڊ تربيت لاءِ 67 ملازمن جي لسٽ ڏني هئي، جن مان 40 کي تربيت لاءِ چونڊيو ويو.

واٽر بورڊ جي ليبارٽرين ۾ عملي جي تربيت لاءِ سامان موجود ئي ناهي، ان موقعي تي واٽر بورڊ جي ايم ڊي ٻڌايو ته هن وقت روزانو 330 ملين گيلن پاڻي صاف ڪري ان ۾ ڪلورين ملائي پئي وڃي. رٿابندي جي وفاقي سيڪريٽري شعيب صديقي ٻڌايو ته آر بي او ڊي 2 کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ گڏجاڻي ٿي آهي، جنهن ۾ اهم پيش رفت ٿي آهي پر ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي، جنهن تي ڪميشن جي سربراهه چيو ته آر بي او ڊي رٿا 2 لاءِ فنڊز جي فراهمي لاءِ ڪيترو وقت گهرجي؟ جنهن تي وفاقي سيڪريٽري چيو ته ان لاءِ وقت ٻڌائي نه ٿو سگهان پر يقين ڏياريان ٿو ته ترت اهو مسئلو حل ٿي ويندو. ان موقعي  تي شهاب اوستو چيو ته اهي دير وارا حربا آهن، آر بي او ڊي رٿا سبب منڇر تباهه ٿي وئي آهي ۽ ٺٽي تائين ماڻهو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. وفاقي سيڪريٽري شعيب صديقي چيو ته گريٽر سيوريج جي ايس ٿري پراجيڪٽ کي به مڪمل ڪرڻ تي وفاق ۽ صوبائي حڪومت ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. سنڌ سرڪار نئين سر پي سي ون موڪليندي ۽ وفاق ايندڙ بجٽ ۾ ڄاڻايل رٿا لاءِ پنهنجي حصي جي رقم رکي سگهندو. هن چيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ لاءِ به سنڌ سرڪار پي سي ون ٺاهي موڪليندي، جنهن تي سنڌ سرڪار چيو ته پي سي ون ته تيار آهي، ان ۾ 5 ٽريٽمينٽ پلانٽ تجويز ڪيا ويا آهن. ڪميشن جي سربراهه چيو ته اجلاس جا منٽس پيش ڪيا وڃن ته جيئن معلوم ٿئي ته ان گڏجاڻي ۾ ڇا ٿيو.

ايل بي اوڊيLBOD01

ان موقعي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ نساسڪ، آر او پلانٽ ۽ ٻين معاملن بابت ڪميشن جي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي ڪميشن جي سربراهه کيس هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واسا پاران عدالت کي ڄاڻ ڏني وئي ته ڄامشورو فلٽر پلانٽ جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. ليبارٽري به ٺهي چڪي آهي پر ٻين فلٽر پلانٽس کي فعال بڻائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. ڪراچي واٽر بورڊ پاران عدالت کي ڄاڻ ڏني وئي ته ملير ندي مان ريتي بجري جي چوري کي روڪڻ لاءِ رينجرز جي پيٽرولنگ شروع ڪئي وئي آهي. ندي جي ٻئي پاسي پوليس پاران چار چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن پاران ڄاڻ ڏني وئي ته سيپڪو پاران سنڌ سرڪار جي پاڻي جي فراهمي ۽ ڊرينيج رٿائن کي 190 ڪنيڪشن فراهم ڪيا ويا آهن. ڪميشن جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ڪراچي واٽر بورڊ جي ايم ڊي کي مخاطب ٿيندي چيو ته شهر ۾ پاڻي جي ورڇ ۾ سڌارن وارو ڪم ڪڏهن شروع ڪندا؟ ۽ ڪيستائين ٽينڪرن تي ڀاڙيندئو؟.

ڪميشن شهر ۾ پاڻي جي ورڇ بابت واٽر بورڊ جي ايم ڊي کان ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڪميشن شهر مان نڪرندو گندو پاڻي ۽ ٻيو گند ڪچرو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ جو نوٽيس وٺندي ڪي پي ٽي جي چيئرمين کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو پيش ٿي ٻڌايو ته اسپتالن مان نڪرندڙ ڪچري کي ضايع ڪرڻ لاءِ انسنريٽر جي خريداري لاءِ وڌيڪ وقت گهرجي. پيپرا رولز رليڪس ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. پيپرا رولز جي پابندي سبب انسنريٽر جي خريداري مقرر مدي اندر نه ٿي سگهندي، ڇاڪاڻ ته اهي پرڏيهه مان گهرائڻا آهن. جنهن لاءِ ايل سي کولڻي آهي ۽ ٻين اشوز کي منهن ڏيڻو آهي، جنهن تي ڪميشن ان ڏس ۾ سيڪرِيٽري صحت کي لکت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *