Friday , April 19 2024

عبدالله ڳوٺ ۾ قتل ڪيل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، رهواسين ۽ وارثن جو احتجاج

ملير (درياخان شر جي ٿورن سان) شاهه لطيف ٽائون ۾ ڦورن سان  مزاحمت دوران مارجي ويل نواجوان جي وارثن کي انصاف نه مليو، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، نوجوان زعيم شر جي وارثن، شر برادري ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سماجي اڳواڻ نثار شر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن جي پوليس خلاف نعري بازي. ٻه ڏينهن اڳ شاهه لطيف ٿاڻي جي حد عبدالله ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر اندر قتل قتل ڪيل ن وجوان زعيم شر جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي نه ڪرڻ خلاف گلشسن حديد کان ملير پريس ڪلب پپري تائين ريلي ڪڍي وئي. ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي نثار احمد شر، ارشاد ايڊووڪيٽ ۽ ٻين چيو ته، زعيم شر گهر اندر داخل ٿيل هٿياربندن سان ڦر دوران مزاحمت ڪئي، جنهن تي کيس سڌيون گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پر شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي دير سان واقعي وااري هنڌ پهتي. هنن چيو ته پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي نه ڪرڻ ۾ ثابت ٿئي ٿو ته پوليس جوابدارن سان ٻِٽُ ۽ سهولتڪار بڻيل آهي. نثار شر جو چوڻ هو ته، نوجوان زعيم شر جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه هئي، شاهه لطيف پوليس ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو تعاون ڪرڻ لاء تيار نه آھي، علائقي ۾ پوليس ڏوهارين جي سرپرستي ڪري رهي آھي جنهن سبب علائقو بدامني جي ور چڙھيل آھي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ، آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي اپيل ڪئي ته هُو معاملي جو نوٽيس وٺي شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان زعيم جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *