Friday , March 29 2024

عام چونڊن جي ملتوي يا دير سان ٿيڻ جي سازش پئي ٿئي: اعتزاز احسن

ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻن 25 جولاءِ تي اعلانيل عام چونڊون ملتوي ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اليڪشن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آهن ته پوءِ سينيٽ جون ٿيل چونڊون به متاثر ٿي سگهن ٿيون، ڇو ته اهي به نون چونڊ فارمن تي ٿيون هيون. پارٽي جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کانپوءِ  پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بئريسٽر اعتزاز احسن ، فرحت الله بابر، نيئر بخاري، شيري رحمان ۽ ٻين گڏرل پريس ڪانفرنس ڪئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ نامزدگي فارمن کي رد ڪندي انهن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي اهڙي حڪم سان سينيٽ جون ٿيل چونڊون به سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. ڇو ته سينيٽ جون چونڊون به رد ڪيل نامزدگي فارمن تي ئي ٿيون هيون. هن چيو ته چونڊون ملتوي يا دير ڪرائڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن، پر پ پ چونڊن ۾ دير نٿي چاهي.  پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو ته عدالت ڪيترن ئي تڪبندين کي رد ڪري ڇڏيو آهن،جنهن سان چونڊون التوا جو شڪار ٿينديون. اعتزاز چيو ته چونڊون جهڙيون به ٿين پر مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته ڪي ڌريون چونڊون ملتوي ڪرائڻ گهرن ٿيون ۽ اهي سرگرم نظر اچن ٿيون. اعتزاز احس چيو ته، بلوچستان جي اسيمبلي پاران چونڊن ملتوي ڪرڻ وارو ٺهراءَ تڪڙ ۾ منظور ڪيو ويو. نوان نامزدگي فارم ڇپرائڻ عدالتن جو ڪم ناهي،پر پارليامينٽ جو آهي،ان سان سينيٽ جي تازي چونڊ متاثر ٿيندي، عدالتن کي مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن واضح ڪيو ته عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته محسوس ٿئي پيو ته چونڊون ملتوي ٿي رهيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *