Friday , April 19 2024

عالمي عدالت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏيندڙن جي مدد ڪندڙ ڀارتي نيوي جي عملدار ڪلڀوشن جي موت واري سزا خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو: عالمي عدالت جو فيصلو قبول ناهي سرتاج عزيز

kalbhoshan001

انصاف واري عالمي عدالت ڀارتي درخواست تي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڦاهي واري فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو، ڀارت کي قونصلر رسائي ڏيڻ جي هدايت، عدالت چيو آهي ته معاملو فوري اهميت واروآهي ڀارت ۽ پاڪستان پنهنجي موقف جي حق ۾ وڌيڪ ثبوت پيش ڪن، عدالت ٻڌڻي جي اختيار کي چيلينج ڪرڻ وارو پاڪستاني موقف رد ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ ويانا ڪنويشن تي صحيحون ڪندڙ آهن ۽ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي.

هيگ ۾ انصاف واري عالمي عدالت ڪلڀوشن ياديو جي ڦاهي خلاف ڀارت جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، جج روني ابراهيم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ويانا ڪنوينشن تي صحيحون ڪندڙ ملڪ آهن، تنهن ڪري عالمي عدالت جي اختيارن بابت پاڪستان جا اعتراض درست ناهن. آءِ سي جي ڪلڀوشن ياديو کي سزا ٻڌائڻ واري فيصلي تي ڀارتي اعتراض درست ناهن، پاڪستان جي قانون موجب اتان جي فوجي عدالت ڪنهن کي به ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ڏئي سگهي ٿي. عدالت ڪلڀوشن ياديو جي ڦاهي واري فيصلي تي عملدرآمد روڪڻ  جي هدايت ڏيندي چيو ته جيستائين عدالت فيصلو نه ٿي ٻڌائي تيستائين ڦاهي واري فيصلي تي عمل نه ڪيو وڃي.

جج روني ابراهم چيو ته هن معاملي جو مختلف رخن کان جائزو وٺندي، پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجو موقف ۽ ثبوت تفصيل سان پيش ڪن. عدالت ويانا ڪنوينشن جي آرٽيڪل 36 جي پيرا اَي تحت ڀارت کي ڪلڀوشن تائين قونصلر رسائي ڏيڻ سان گڏ ساڻس ملاقات تي پابندي ختم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

پاڪستان انٽر نيشنل ڪورٽ آف جسٽس جو فيصلو قبولڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو

ministry of foreign

پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته عالمي عدالت جي اختيارن کي نٿا مڃون، پاڪستان جي قانوني ماهرن پنهنجو موقف جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ڀارت ڪلڀوشن جي ساٿين تائين رسائي ڏي. ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس بابت عالمي عدالت جي آيل فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي پرڏيهي ترجمان نفيس زڪريا جو چوڻ هو ته عالمي عدالت جي اختيارن کي تسليم نٿا ڪريون. اسان جي قانوني ماهرن انصاف جي عالمي عدالت جي دائره ڪار بابت پنهنجو موقف جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ترجمان موجب ڀارت کي ڪلڀوشن ياديو جي ساٿين تائين پهچ لاءِ چيو هو، پر ڀارت اها رسائي نه پيو ڏي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ قونصلرز ۾ رابطي وارو معاهدو موجود آهي. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته ماضي ۾ انصاف واري عالمي عدالت 3 ڀيرا اهڙا فيصلا ڏنا آهن، جيڪي آمريڪا خلاف هئا.

ڪلڀوشن جي ڦاسي تي عمل روڪڻ وڏي ڳالهه ناهي، حتمي فيصلو نه آيو آهي: سرتاج عزيز

sataj aziz

پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت پاران عبوري فيصلي تي اسٽي جاري ڪرڻ وڏي ڳالهه نه آهي، عدالت رڳو حتمي فيصلي تائين ڪلڀوشن کي ڦاهي تي عمل کان روڪيو آهي. سرتاج عزيز آءِ سي جي فيصلي بابت چيو ته اسان جو موقف آهي ته سڪيورٽي سبب اهم آهن، عبوري فيصلي تي قونصلرز جي پهچ تي رڳو راءِ ڏني آهي، عالمي عدالت جي فيصلي تي اسٽي جاري ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته عالمي عدالت جي فيصلي کانپوءِ وڪيلن جي نئين ٽيم جوڙينداسين، جيڪڏهن پنهنجي ٽيم نه موڪليون ها ته فيصلو هڪ طرفو اچي ها.

گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ڪلڀوشن جو نالو ئي نه ورتو ويو، اسان جي حڪومت عالمي عدالت ۾ کٽيل ڪيس هارايو: شيري رحمان

Shery Rehman

پ پ جي مرڪزي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪلڀوشن جو نالو نه ورتو ويو، اسان جي حڪومت عالمي عدالت ۾ کٽيل ڪيس هارايو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  شيري رحمان چيو ته پاڪستان جو ڪيس مضبوط هو پر حڪومت پاران قدم نه کڻڻ سبب اهڙو فيصلو آيو آهي.

شيري رحمان چيو ته ڪلڀوشن تخريبڪار هو جنهن کي پاڪستان جي سرزمين تان پڪڙيو ويو، اسان ڀارت سان امن چاهيون ٿا پر پاڪستان جي قيمت تي نه، ڪلڀوشن ڪيس بابت ڪا تياري نه ڪئي وئي هئي، اسان کي 10 مئي تائين ايڊ هاڪ جج مقرر ڪرڻ گهرجي ها، ڀارت عالمي عدالت ۾ پنهنجو جج مقرر ڪيو هو. شيري رحمان چيو ته اسان ملڪ جو وقار مجروع ٿيڻ نه ڏينداسين، ان بابت قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس جلد کان جلد گهرايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *