Wednesday , April 24 2024

عالمي برداري بيت المقدس کي فلسطين جي راڄڌاني طور قبول ڪري: او آءِ سي جو مطالبو

استنبول ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرگنائيزيشن آف اسلامڪ ڪانفرنس / او آءِ سي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته، بيت المقدس کي فلسطين جي راڄڌاني طور تسليم ڪيو وڃي، آمريڪا جو فيصلو انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏيندو، فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي.

ترڪي جي شهر  استنبول ۾او آءِ سي جي فلسطين معاملي تي سڏايل هنگامي اجلاس جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي. او آءِ سي سربراهي اجلاس جي گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بيت المقدس بابت آمريڪي قدم سان دهشتتگردي ۽ انتها پسندي کي هٿي ملندي. آمريڪا جو بيت المقدس بابت اعلان امن کان پري هٽڻ آهي، آمريڪا وچ اوڀر ۾ امن امان بابت پنهنجو ڪردار ختم ڪري. او آءِ سي اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري بيت المقدس کي فلسطين جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪري. ان کان اڳ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ترڪ صدر رجب طيب اردگان اسرائيل کي دهشتگرد رياست قرار ڏنو، سندس چوڻ هو ته اسرائيل دهشتگرد رياست آهي، هو آزاد فلسطيني رياست جي مطالبي تان هٿ نه کڻنداسين.

ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردگان چيو ته آمريڪي فيصلو انتهاپسندن جي مفاد ۾ آهي، اهو فيصلو اسرائيلي دهشتگردي جي کنيل قدمن جو آمريڪي تحفو آهي، جنهن کي رڳو اسرائيل جي حمايت حاصل آهي. اسرائيلي فوج فلسطيني ٻارڙن کي شهيد ڪري رهي آهي، اسرائيل قبضو ڪندڙ ۽ دهشتگرد رياست آهي. او آءِ سي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته امريڪا اسرائيل جي حمايت ۾ سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون آهن، فلسطيني صدر چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري سنگين ڏوهه ڪيو آهي. فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته امن عمل ۾ امريڪا جو ڪوبه ڪردار قبول نه آهي. ايراني صدر حسن روحاني جو چوڻ هو ته آمريڪي قدمن سان ثابت ٿي ويو ته آمريڪا امن جي عمل ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته فلسطين جو عوام پنهنجي حقن لاءِ وڙهي رهيو آهي، اسان انهن سان گڏ آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *