Thursday , March 28 2024

طاقتور ايس ايس پي رائو انوار جي پرڏيهه ڀڄڻ واري ڪوشش ناڪام

اسلام آباد ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) جڙتو پوليس مقابلن جي ماهر ۽ نوجوان نقيب الله محسود کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ واري واقعي ۾ پڪڙجي پيل طاقتور ايس ايس پي جي دبئي ڀڄڻ واري ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي. ايف آءِ اي رائو انوار کي اسلام آباد جي بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روڪيندي واپس ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي اهڙي ڪارروائي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات جو ٿي. رائو انوار. ذريعن جو چوڻ آهي ته معطل ايس ايس پي رائو انوار  پنهنجا سفري دستاويز هڪ ساٿي ذريعي اسلام آباد هوائي اڏي تي موڪليا جنهن ۾ 20 جنوري تي جاري ڪيل سنڌ سرڪار جي اين او سي به شامل هئي. ايف آءِ اي جي ذريعن موجب اسلام آباد ايئرپورٽ رائو انوار جي دستاويزن کي شڪ جي بنياد تي رد ڪيو پر کيس گرفتار نه ڪيو ويو آهي. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ايف آءِ اي رائو انوار کي حراست ۾ وٺن جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد سنڌ جي هڪ بااثر شخصيت وافاقي سرڪار سان رابطو ڪري کيس حراست ۾ وٺڻ کان بچائي ورتو.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *