Friday , April 19 2024

ضيائي آمريت سان مهاڏو اٽڪائيندڙ فهميده رياض به وڇڙي وئي

ڪراچي / لاهور(رپورٽر / مانيٽرنگ ڊيسڪ     سنڌسماءَچار) ضياءَ جي آمريت سان مهاڏو اٽڪائي جمهوريت ۽ عورتن جي حقن لاءِ زندگي ارپيندڙ ناليواري شاعره، ليکڪا ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پارکو فهميده رياض به لاڏاڻو ڪري وئي آهي، فهميده رياض لاهور ۾ پنهنجي ڌيءُ وٽ علاج لاءِ ترسيل هئي جتي اربع ۽ خميس جي وچ واري رات دم ڏنو. ڀارت جي شهر ميرٺ ۾ 28 جولاءِ 1946 تي جنم ورتو ۽ هڪ سال بعد ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام وقت سندس ڪٽنب به ڀارت مان لڏي اچي حيدر آباد ۾ آباد ٿيو ۽ سندس والدين سنڌ کي پنهنجو وطن مڃي ورتو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پارکو فهميده رياض 73 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. فهميده رياض گذريل ڪيترنن ئي مهينن کان بيمار هئي، جنهن سان جهيڙيندي لاهور ۾ دم ڏنو. فهميده رياض سنڌ يونيورسٽي مان تعليم پرائي، جنهن دوران ئي ترقي پسند تحريڪ سان لاڳاپجي وئي. فهميده رياض کي شاعري سان شروع کان ئي دلچسپي هئي، سندس اردو شاعري جو پهريون ڪتاب ” پٿر ڪي زبا“ (پٿر جي زبان) 1976 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ته سندس شاعري ۾ نالو پيدا ٿيو. ان کانسواءِ ڌوپ، پورا چاند ۽ آدمي زندگي شاعري جا ڪتاب به ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا. فهميده رياض جي ناولن ۾ زنده بهار، گوداوري ۽ ڪراچي شامل آهن. فهميده رياض جا اُهي سمورا ڪتاب ٿوري ٿوري وٿي سان ڇپجي جڏهن عوام جي هٿن تائين پهتا ته، آمريت جي حڪومتن کي اُهي لکڻيو ٺپ نه وڻيون جن تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ فهميده رياض کي وڏي مخالفت کي به منهن ڏيڻو پيو.

فهميده رياض شاهه عبدالطيف ڀٽائي، مولانا رومي ۽ شيخ اياز جي شاعري جو به ڳوڙهو مطالعو ڪيو. فهيده رياض شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي رسالي جو اردو ٻولي ۾ منظوم ترجمو ڪيو، ان سان گڏوگڏ شيخ اياز جي شاعري جو به اردو ۾ ترجمو ڪيو. فهميده رياض ضيائي مارشل لا خلاف جمهوري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، جنهن تان کيس عتاب جو نشانو بڻجڻو پيو؛ هن آمريت آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران ڪجهه عرصي لاءِ وطن ڇڏي وڃڻ ۾ عافيت سمجهي ۽ ڪيترو عرصو پاڪستان کان ٻاهر گذرايو، جڏهن 1988 ۾ ضياءَ جي موت کانپوءِ ضيائي مارشل لا ختم ٿي ته انکانپُءِ هوءَ واپس وطن آئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *