Friday , April 26 2024

ضياءَ لنجار ۽ ڄام خان شورو خلاف جاچ ۽ ستار راڄپر خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو:ذريعا

ڪراچي( اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) نيب صوبائي وزيرن ضياءَ الحسن لنجار، ڄام خان شورو خلاف وڌيڪ جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ جي شڪايتن تي وڌيڪ جاچ ڪرڻ ۽ جاچ جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌسماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، نيب پاران سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن وارن معاملن جي هلندڙ جاچ جو دائرو وڌائڻ، وزيرن ۽ بااثر ايم پي ايز جي پرائيويٽ سيڪريٽرين ۽ خاص ماڻهن خلاف به جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو، مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري رمضان اعواڻ جي پي ايس رمضان سولنگي جي گرفتاري ۽ وٽائنس 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ روڪ ڏوڪڙ، سون ۽ ملڪيتن جا دستاويز هٿ اچڻ بعد ڪيو ويو آهي.

سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ مطابق، نيب صوبائي وزير ضياءَالحسن لنجار خلاف اڳ ڪيل جاچ جي بنياد تي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ ۽ سندس کاتي اندر مالي بيضابطگين وارن معاملن جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، ضيا لنجار سان سلهاڙيل ڪجهه سرڪاري ملازمن ۽ سندس ويجهن دوستن جيڪي مقررين ۽ بدلين سميت ٻين معاملن ۾ به رشوت عيوض ڪم ڪرائيندا رهن ٿا؛ انهن کي به جاچ جو حصو بڻائڻ جو امڪان آهي.

ان کان اڳ نيب پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، سيڪريٽري سنڏ اسيمبلي آغا سراج دراني، اڳوڻي ايم پي اي نصرالله بلوچ سميت ڪيترن ئي موجده توڙي اڳوڻي پ پ سان لاڳاپيل پارليامينٽيرينز خلاف نيب انڪوائريز شروع ڪري چڪي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *