Wednesday , April 24 2024

ضمير گهمرو عهدو ڇڏي ڏنو،استعيفيٰ گورنر کي موڪلي ڇڏي

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران چٿر ڪرڻ تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، چيف جسٽس جو چوڻ هو ته کيس اڳوڻي پ پ حڪومت مقرر ڪيو هو،پر اڃان تائين هو ايڊوڪيٽ جنرل ڇو آهي؟ ضمير گهمري پنهنجي استعيفيٰ سنڌ جي گورنر کي موڪلي ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار سنڌ جي ايڊوڪيٽ جنرل تي طنز ڪئي هئي،هن ڄاڻايو هو ته پ پ حڪومت ايڊوڪيٽ جنرل کي مقرر ڪيو هو، هن استعيفا ڇو نه ڏني آهي؟ ان تي ضمير گهمري عدالت اڳيان واضح ڪيو هو ته جيڪڏهن اها چاهي ته هينئر ئي استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

ضمير گهمري عهدي تان استعيفا ڏيندي  چيو ته مون کي پ پ جي چونڊيل حڪومت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ڪيو هو، هاڻي نگران حڪومت اچي چڪي آهي، تنهن ڪري عهدي تان استعفيٰ ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته تقريبن ٻن سالن جي مقرري دوران صوبي جي مفاد لاءِ آئين موجب پنهنجيون ذميواريون ادا ڪيون آهن. ضمير گهمري چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي مقرري دوران بار ۽ سول ايڊمنسٽريشن  جو ڀرپور سهڪار رهيو. ٻئي طرف ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ملڪ نعيم اقبال به عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *