Friday , April 19 2024

صوبن جي حقن تي ڌاڙو، وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ کانسواءِ بجيٽ پيش

اين ايف سي ايوارڊ نه ملڻ جيڪري سنڌ کي لڳ ڀڳ 200 ارب رپين جي گهاٽو ٿيو آهي

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي حڪومت صوبن خاص طور تي سنڌ جي ناڻي تي ڌاڙو هڻندي اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ کانسواءِ مالي سال 2020-21 جي 3 هزار 437 ارب رپين جي مالي گهاٽي واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن، پينشن ۾ واڌ نه ڪئي، وفاقي پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار به مقرر ناهي ڪئي. ڪابينا جي منظوري کانپوءِ صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر بجيٽ  پيش ڪئي. بجيٽ نئون م الياتي ايوارڊ ڏيڻ کانسواءِ ئي پيش ڪئي وئي، بجيٽ وفاقي حڪومت سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ خصوصي گرانٽ جي نالي تي رڳو 19 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن سان لڳ ڀڳ 200 ارب رپين کان وڌيڪ جو سنڌ کي نقصان ٿيو آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ دفاعي شعبي ۾ 1290 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 650 ارب رپيا ۽ سول خرچن لاءِ 476 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم لاءِ 330ارب،  احساس پروگرام لاءِ 208 ارب رپيا رکڻ جي تجويز بجيٽ ۾ شامل ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته ايف بي آر جي ٽيڪس وصولين جو ڪاٿو 4 هزار 963 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، نان ٽيڪس روينيو جو ڪاٿو 1610 ارب رپيا ۽ وفاقي وصولين جو ڪاٿو 3 هزار 700 ارب رپيا مختص ڪيو ويو آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ مختلف شعبن سبسڊي ڏيڻ جي لاءِ 210 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جيڪي يوٽليٽي بلز، ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين ادارن کي ادا ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *