Saturday , April 20 2024

صوبائي وزير عذرا افضل پيچوهو پروفيسر پاران هيسايل شاگردياڻي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

گمبٽ (مسرور کهڙو جي ٿورن سان سنڌسماءَچار) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي پروفيسر پاران شاگردياڻي فرزانا جمالي کي مبينا طور جنسي طور تي هيسائڻ واري معاملي تي، سنڌ جي صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا افضل پيچوهو الزام هيٺ آيل پروفيسر ۽ وي سي جي ڌر بڻجي سماهون اچي وئي آهي. گمبٽ اسپتال جي دوري دوران هڪ صحافي پاران صوبائي وزير کان معاملي تي سوال ڪيو، جنهن جي جواب هن چيو ته فوزيا جمالي ڊرامو ڪري رهي آهي.

عذرا پيچوهو چيو ته ڪلاس مان غير حاضر رهڻ تي فرزانا کي دڙڪا ڏنا ويا هئا، جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي هن استادن کي مارڪٽ ڪرائي ۽ هاڻي جنسي طور هيسائڻ جا ڪوڙا الزام به هڻي رهي آهي. صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي وي سي ۽ پروفيسر عامر خٽڪ جي حمايت ۾ ميدان تي اچي وئي، عذرا پيچوهو پروفيسر عامر خٽڪ پاران مبينا جنسي حراسان ڪيل شاگردياڻي جي معاملي کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته فرزانه جمالي معاملو ڪوڙ جي بنياد تي ٻڌل آهي، مون انڪوائري ڪرائي آهي، جنهن ۾ وي سي ۽ پروفيسر بي گناهه ثابت ٿيا آهن، سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪنداسين. گمبٽ جي سرڪاري اسپتال گمس جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو ته بينظير  جنرل يونيورسٽي ۾فرزانا جمالي وارو معاملو ڪوڙ جي بنياد تي ٻڌل آهي، هو سچ نه پئي ڳالهائي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته فرزانه جمالي جو پيءُ اعجاز جمالي وي سي سان ملڻ لاءِ ويو هو پر وي سي ساڻس نه مليو، جنهن تي هن وائيس چانسلر ۽ هڪ پروفيسر تي ڪوڙو الزام هنيو.

ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته اڪثر شاگردياڻيون مارڪن لاءِ استادن تي ڪوڙ هڻنديون آهن، مون انڪوائري ڪرائي آهي، جنهن ۾ وي سي ۽ پروفيسر آجا نڪتا آهن، جن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪنداسين. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت عوام کي ڪو به فائدو نه ڏيندي، عمران خان جو هيلٿ ڪارڊ وارو اعلان ٻٽاڪ کان سواءِ ڪجهھ به نه آهي. صوبائي وزير چيو ته سڄي سنڌ جي اسپتالن جو ٻيڙو ٻڏل آهي، غريب ماڻهن کي سهولتون نه پيون ملن، صحت جي ٻڏل ٻيڙي کي تارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان. صوبائي وزير عذرا پيچوهو جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي پي ايڇ آءِ چيڪ اينڊ بيلنس نه هئڻ ڪري بهتر ڪم ناهي ڪري سگھي، جنهن جي به بهتر نموني جاچ ڪئي ويندي. هن چيو ته عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڊاڪٽرن جي ڪميشن جوڙي آهي جيڪا جلد جعلي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪندي. ياد رهي ته پهريون ڀيرو ملڪ جي تاريخ ۾ صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو جي گاڏيءَ تي قومي جهنڊي بجاءِ ٻئي پ پ جا جھنڊا لڳل هئا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *