Thursday , April 18 2024

صوبائي وزير شبير بجاراڻي جي تڪ تنگواڻي ۾ عورت ٻار کي گند جي ڍير تي جنم ڏنو، ٻار فوت

معدني وسيلن واري کاتي جي صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي جي تڪ تنگواڻي جي اسپتال ۾ نه ڊاڪٽر ٿو ملي نه ايمبولينس

تنگواڻي ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي جي چونڊ تڪ تنگواڻي ۾ نجي ۽ سرڪاري اسپتال جي انتظاميا پئسا نه هجڻ ڪري مسڪين عورت جو ويم نه ڪرايو، عورت گند جي ڍير تي نياڻي کي جنم ڏنو، آڪيسجن ۽ ٻي طبي امداد نه ملڻ ڪري ٻارڙي فوت ٿي وئي، اسپتال انتظاميا عورت ۽ ٻار جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولينس به مهيا نه ڪئي. معدني وسيلن واري کاتي جي صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي جي اباڻي تڪ ۾ تنگواڻي اسپتال جي انتظاميا ويم لاءِ آندل ڳوٺ رسالدار واسڻ مسڪين عورت گوهر خاتون زال الهه رکيو جکراڻي کي آچر جي موڪل هجڻ جو جواز ڄاڻائي داخل نه ڪيو.ڊيوٽي تي موجود اسپتال جي عملي عورت ۽ سندس وارثن کي ڌڪا ڏئي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو، عورت اتي موجود ماڻهن کي ٻڌايو ته، سرڪاري اسپتال جي عملي پاران ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو ته ڀر واري نجي ميڊيڪ سينٽر وئي جتي هُنن ڳري فيس گهري جيڪا وٽس نه هئي، اڪري مجبورن گند جي ڍير تي وڃي ڪري پئي جتي هن نياڻي کي جنم ڏنو. هن ٻڌايو ته نياڻي کي طبي امداد نه ملڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي وئي، جنهن بعد اسپتال انتظاميا ايمبولينس به نه ڏني، هڪ گڏهه گاڏي واري عورت ۽ سندس ٻارڙي جو مڙهه کڻي گهر پهچايو. عورت جو چوڻ هو ته سندس مڙس ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري هوءَ ننڌڻڪي بڻيل آهي.

هڪ پاسي گند جي ڍير تي ٻار کي جنم ڏيندڙ عورت، جنهن ٻار ڄمڻ بعد علاج نه ٿيڻ ڪري فوت ٿي ويو –  ٻئي پاسي صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي جيڪو ان علائقي مان ايم پي اي چونڊيل آهي

سنڌ سماءَچار جي خاص نمائندي پاران گڏ ڪيل معلومات مطابق تنگواڻي سنڌ اسيمبلي جي تڪ، پي ايس – 6 جو وڏي آبادي وارو شهر آهي، گذريل عام چونڊن دوران پي ايس 6 تان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ مير شبير علي بجاراڻي چونڊجي آيو، جيڪو ايم پي اي ٿيڻ ۽ ان بعد صوبائي وزير ٿيڻ بعد علائقي واسين جي ڪا به سار ناهي لڌي، تنگواڻي اسپتال ۾ ڊاڪٽرز ۽ ٻئي عملي جي  به سخت کوٽ آهي، جتي مقرر ٿيل ڊاڪٽر به صحيح نموني سان ڊيوٽي ناهن ڪندا ۽ ايندڙ مريضن کي دوائون به ناهن ملنديون. ان سلسلي ۾ ڪراچي مان سنڌسماءَچار جي رپورٽر پاران مائينز اينڊ منرلز کاتي جي وزير مير شبير علي بجاراڻي سان رابطي جي ڪوشش ڪري ان معاملي بابت سندس موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سندس موبائل نمبر مسلسل بند ملي رهيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *