Friday , April 19 2024

صوبائي  وزير امتياز شيخ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو جگر جلال جي اغوا کان انڪار

هاڻي ته سنڌ مان چانڊيا ٻروچ به اغوا ٿيڻ لڳا آهن، اها ته قيامت جي نشاني آهي، اسان ديوانن جو ڇا ٿيندو: نند ڪمار گوڪلاڻي

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جگر جلال چانڊيو سميت پنج ڄڻن جي اغوا واري معاملي تي سنڌ حڪومت ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته فنڪار جگر جلال اغوا ناهي ٿيو پر سندس مداحن پاڻ وٽ روڪي ڇڏيو آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو چوڻ آهي ته جگر جلال اغوا ناهي ٿيو، مداحن کيس گهرائي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو آهي، سندس بازيابي لاءِ ڪوششُن ڪيون پيا، شڪ جي بنياد تي 5 جوابدارن کي گرفتار به ڪيو آهي. شڪارپور مان لوڪ فنڪار جگر جلال، سندس پُٽ آفتاب، ڀائيٽيي امير علي، سازندي عبداللطيف تنيو ۽ ڊرائيور بهادر علي جي اغوا وارو معاملو سنڌ اسيمبلي تائين پهچي ويو آهي، سومر تي ٿيل اجلاس دوران جگر جلال جي اغوا وارو معاملو بحث هيٺ آيو، اجلاس دوران اپوزيشن جي ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻي اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري وڌيڪ متحرڪ ٿي وئي آهي، هاڻي ته چانڊيا به اغوا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. اها قيامت جي نشاني آهي. جي ڊي اي ميمبر نند ڪمار ڳالهائيندي چيو ته، پهرين ديوان اغوا ٿيندا هئا، هاڻي چانڊيا ٻروچ به اغوا ٿين ٿا، اهڙي صورتحال ۾ ته ديوانن جي ڪهڙي حيثيت. سموري سنڌ ۾ اغوا جون وارداتون وڌي ويون آهن، سنڌ سرڪار ڪٿي آهي؟

نند ڪمار گوڪلاڻي پاران معاملي تي ڳالهائڻ تي صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته، سنڌ اندر امن امان جي صورتحال ايتري خراب نه آهي، شڪارپور مان 3 ڄڻا اغوا ٿيا، جِن کا بازياب ڪرايو ويو آهي. امتياز شيخ لوڪ فنڪار جگر جلال جي اغوا واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته، جگر جلال کي اغوا ناهي ڪيو ويو پر سندس مداحن کيس پاڻ وٽ روڪي ڇڏيو آهي، جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي اغوا وارين ڳالهين ۾ صداقت ناهي. هن چيو ته، هو موسيقيءَ جي محفل ۾ ڳائڻ ويو هو، اُتي مداحن کيس روڪي ورتو آهي، منهنجي ايس ايس پي سان ڳالهه ٿي آهي، جلد بازياب ٿي ويندو.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وڌيڪ ٽي سال عهدي تي مقرر رهندو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *