Saturday , April 20 2024

صوبائي حڪومت17هين گريڊ ۾ سڌي ريت ڀرتيون ڪري عوام جا پئسا عوام خلاف استعمال ڪيا:سپريم ڪورٽ

supreme court

سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير جي صوابديدي اختيارن هيٺ سڌي ريت 17هين گريڊ ۾ ڀرتي ڪيل آفيسرن جي ڀرتي وقت تعليمي قابليت بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. 132 آفيسرن کي چٽا ڀيٽي واري امتحان کانسواءِ سڌي ريت ڀرتي ڪيو ويو.

سڌي ريت ڀرتي ڪيل آفيسرن ۽ قائدن ضابطن جي ابتڙ ترقيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ توهين عدالت واري مامري جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪئي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته آفيسرن جو حق مارڻ سان انهن جو مورال متاثر ٿيندو آهي، 132 آفيسرن کي باءِ پاس ڪري سڌا آفيسر رکيا ويا، عوامي ناڻي کي عوام ئي خلاف استعمال ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ وڏي وزير اهڙي خدمت پئي ڪئي ته کانئس به پڇيو وڃي.

عدالت کي ٻڌايو ويو ته 1991ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير هڪ اسٽينوگرافر کي سڌو 17هين گريڊ ۾ مقرر ڪيو، جيڪو هاڻي گهرو کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري ۽ ٻيو وري گورنر جو سيڪريٽري بڻجي ويو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته ان ريت ته پٺين دروازي کان ماڻهو اچن ٿا، ان وقت سنڌ جو وڏو وزير ڪير هو؟ جنهن 132 ڄڻن کي باءِ پاس ڪري اهڙيون ترقيون ڏنيون؟ ان ريت حق مارڻ سان حقدار آفيسرن جو مورال گهٽ ٿيندو آهي، رمارڪس ۾ چيو ويو ته، حڪومت عوام جو ناڻو عوامي مفاد جي خلاف ڇو ٿي استعمال ڪري؟ جيڪڏهن ان وقت جي وڏي وزير اها عوامي خدمت به پئي ڪئي؟ ته پوءِ ان کان به پڇڻ گهرجي.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته وڏي وزير کي ان وقت اهڙا اختيار مليل هئا، پر هاڻي اهو قانون نه آهي، عدالت پڇيو ته اختر غوري ڪير آهي؟ سنڌ جي وڪيل ٻڌايو ته اهو اڳوڻي گورنر عشرت العباد جو سيڪريٽري هو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عشرت العباد جو نالو بلند آواز ۾ کڻو، آهستي ڇو ٿا وٺو؟ اهڙا آفيسر گڏ رکي ڇا هن بهترين ڪم ڪيو آهي؟ .

سرڪاري آفيسرن جي وڪيل ابراهيم ستي ۽ منير پراچا عدالت آڏو موقف رکيو ته سپريم ڪورٽ جو 2013ع وارو سنڌ ۾ انضمام ترقين ۽ ڊيپوٽيشن بابت فيصلو اسان جي مؤڪلن تي لاڳو نه ٿيندو، ان حوالي سان 4 فيصلا آهن، جن جا حوالا ڏينداسين. جنهن جي جواب ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته توهان فيصلا ٻڌائي ڇڏيو، وڪيلن چيو ته اسين دليل ڏينداسين، ڪيس وڙهنداسين. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇيو ته اهو ته ٻڌايو ته اهي آفيسر جڏهن مقرر ٿيا ته وٽن تعليمي لياقت ڪيتري هئي؟ ان موقعي تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته اڪمل بلوچ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ٻڌڻي ڪندي 10 آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪيا هئا، جن ۾ اختر غوري، اسپيشل سيڪريٽري عبدالوهاب ميمڻ، سيڪريٽري ليبر عبدالرشيد سولنگي، 19هين گريڊ ۾ پوسٽ جي انتظار ۾ ويٺل قطب الدين، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن آفيسر وحيد احمد، ايڊيشنل سيڪريٽري ثقافت بخش علي مهر، ايڊيشنل سيڪريٽري مائينز نويد اعواڻ، ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم سيد ذاڪر علي، 19هين گريڊ ۾ پوسٽ جي انتظار ۾ ويٺل مصطفيٰ جمال قاضي ۽ 20هين گريڊ جو حنيف مرچي والا شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *