Friday , March 29 2024

صدارتي چونڊ، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جو ڳجهو ٺاهه پڌرو ٿي پيو

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) صدارتي چونڊن لاءِ پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ٿيل ڳجهو ٺاهه منظر تي اچي ويو آهي، پ پ جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ پاران گڏيل صدارتي اميدوار آڻڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري ان سلسلي ۾ رابطو ڪيو. خورشيد شاهه چيو ته، فواد چوڌري کي اسان پ پ پاران صدارتي اميدوار لاءِ شريڪ چيئرمين آصف زرداري جو نالو ڏنو، جنهن تي فواد چوڌري چيو ته ڪو ٻيو نالو ڏيو. هن چيو ته، فواد چوڌري پاران آصف زرداري جو نالو رد ڪرڻ کانپوءِ مون، اعتزاز احسن آصف زرداري سان ملاقات ڪري لڳ ڀڳ 50 منٽن تائين ملاقات ڪئي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته، ان ميٽنگ ۾ اعتزاز منهنجو نالو ڏنو پر مون انڪار ڪيو ۽ اعتزاز احسن جو نالو ڏنو، جنهن تي آصف زرداري اعتزاز کي فارم ڀرائڻ جو چيو. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته، اعتزاز احسن آصف زرداري کي چيو ته هوو ان شرط تي صدارتي اميدوار لاءِ نامزدگي فارم ڀرائيندو ته پوءِ هٿ نه کڻندو، جنهن تي خورشيد شاهه سندس اها ڳالهه مڃي ۽ اعتزاز احسن کي صدارتي اميداور لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪري جمع ڪرايو.

صدارتي اميدوار لاءِ اعتزاز احسن جو نالو سڀ کان پهرين پي ٽي آءِ جي وزير فواد چوڌري پيش ڪيو هو، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته آصف زرداري اعتزاز احسن کي صدارتي اميدوار  ٿيڻ لاءِ چيو ته هن چيو ته ان شرط تي صدارتي اميدوار ٿيندس ته پوءِ ان تان هٿ نه کڻندس،  آصف زرداري گرمجوشي سان سندس اهو شرط مڃي ورتو، پر فواد چوڌري وري واپس نه آيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *