Friday , March 29 2024

صحت کاتي جو ڪنسلٽنٽ فارغ، شڪارپور ۾ ڪرپشن جي جاچ سيشن جج حوالي

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) واٽر ڪميشن صحت کاتي جي ڪنسلٽنٽ فوري طور تي فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ هلندڙ ترقياتي ۽ اسپتالن ۾ جديد سهولتن بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڪميشن ڪراچي ۾ پاڻي چوري روڪڻ لاءِ ميٽر لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال ۽ اسپتالن جي حالت سڌارڻ بابت جوڙيل ڪميشن جو اجلاس جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، صحت کاتي جو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، ايم ڊي واٽر بورڊ، مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري، شڪارپور جو ڊپٽي ميئر ۽ حيدر آباد جي ميئر سميت لاڳپايل کاتن ۽ اختيارين جا آفيسر شريڪ ٿيا.

ڪميشن جي سربراهه چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو ته ضلعي اسپتالن ۾ جاري ۽ رٿيل ترقياتي ڪمن ۽ اسپتالن ۾ بهتري لاءِ ٻين منصوبن جا مڪمل تفصيل پيش ڪيا وڃن، اهو به ٻڌايو وڃي ته انهن منصوبن لاءِ بجيٽ ڪيتري رکي وئي آحي ۽ جاري منصوبن تي هيل تائين رقم ڪيتري ۽ ڪيئن خرچ ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي دوران پيش ڪيل رپورٽس ۽ ڪميشن سربراهه پاران ڪيل مختلف شهرن، اسپتالن ۽ منصوبن جي دورن دوران سامهون آيل حقيقتن ۽ شڪايتن بابت به ڌار ڌار حڪم جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ واٽر ڪميشن صحت کاتي ۾ مقرر ڪيل نجي ڪنسلٽنٽ /مددگاري ڪمپني کي فوري طور تي فارغ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. واٽر ڪميشن ۾ شڪارپور جي ڊپٽي ميئر ۽ ٻين عملدارن به رپورٽ پيش ڪئي، جنهن مطابق شڪارپور جي ترقياتي فنڊ ۾ ڪرپشن واري معاملي جي جاچ لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور کي جاچ آفيسر مقرر ڪندي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. واٽر بورڊ جي ايم ڊي کي حڪم ڏنو ته 3 ڏينهن ۾ پاڻي جي چوري روڪڻ جي لاءِ ميٽر لڳايا وڃن.

ڪميشن کي وڪيل ۽ درخواست گذار شهاب اوستو سفارش ڪئي تي شڪارپور جي ڪرپشن جي جاچ سکر نئب جي حوالي ڪئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم چيو ته اوهان لکت ۾ ڏيو اگر لکت ۾ نه ڏيندا ته پوءِ اسان معاملي کي نئب حوالي ڪنداسين؛ جنهن تي هُن رپورٽ لکت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

درخواست جي حوالي سان سمورا ڪاغذ به ڊي سي شڪارپور جي حوالي ڪيا ويا. ڪمشنر لاڙڪاڻو به موجود هو هن ڪميشن کي خاطري ڪرائي ته معاملن کي حل ڪيو ويندو. ڪميشن آڏو ڊپٽي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ پيش ٿي مختلف سوالن جا جواب ڏنا. جنهن تي امير هاني مسلم چيو ته، پنجاب ڪالوني جي گرائونڊ جي ديوار تي ماڻهو ڪچرو اڇلائيندا آهن. ڊپٽي سي اي او چيو ته ڊفنيس ۽ قيوم آباد ۾ ڪچرو اڇلايو ويندو آهي. اوهان جي ذميواري آهي ته ڪچرو صاف ڪرايو، اوهان ذميواريون نه نڀائيندا ته معاملا وڌيڪ خرابي طرف وڌندا ۽ عوام ڏکيائين کي منهن ڏيندو رهندو. امير هاني مسلم چيو ته اوهان صفائي ڪرايو مان اڄ دورو ڪندس.

ڊپٽي سي اي او چيو ته اسان وٽ 130 گاڏيون آهن. ڪميشن حڪم ڏنو ته 24 ڪلاڪن ۾ صفائي ڪرايو نه ته سخت حڪم نامو جاري ڪيو ويندو. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته اسان گجر نالي تان اڏاوت ختم ڪري ڇڏي آهي. چيف سيڪريٽري چيو ته ان ۾ جيڪو به فنڊ خرچ ڪيو ويو آهي، اسان سنڌ سرڪار کان نه ورتو اسان وٽ فنڊ موجود هو. ڪميشن چيو ته ڪجهه به ٿئي اسان کي ڪم جون تائين مڪمل ڪري ڏيو. ڪميشن صدرسائيٽ ايسوسيئيشن ڪراچي کي به نوٽيس جاري ڪندي ڪميشن جو اجلاس 27 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ڪميشن چيف سيڪريٽري سنڌ، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڪراچي جي ميئر سميت ٻين کي چيو ته اوهان گڏجي ڪري ميٽنگ ڪرايو ۽ ڪراچي جي مختلف معاملن کي ڏسي رپورٽ تيار ڪري ڏنو ان کان علاوه سنڌ بلڊنگ ڪٽنرول اٿارني کان ٻن سالن جي لسٽ گهري ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *