Thursday , March 28 2024

صحت کاتو ننڊ مان نه اٿيو، ارڙي وگهي لاڙڪاڻي ۾ معصوم ڀاءُ ڀيڻ فوت

ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ ارڙي وگهي معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو، ان باوجود به سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري. ڪڙيو گنهور جي ڳوٺ هيمون ڪولهي ۾ ڏيڍ سال جو معصوم ٻارڙو چيتن ڪولهي سميت مختلف شهرن ۾ 4 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. پير ڳوٺ ۾ هڪ ٻارڙو ارڙي وگهي فوت ٿي ويو ۽ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جهڙي موضي مرض ۾ مبتلا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته، صحت کاتي کي ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته ارڙي کان بچاءَ لاءِ ويڪسين ڪيون وڃن پري ڪير به دانهن ورنائڻ وارو ناهي.

لاڙڪاڻي جي رحمت پور پاڙي واسي پورهيت مختيار گائنچو جا ٻه معصوم ڌيءُ ۽ پٽ ارڙي وگهي فوت ٿي ويا، ٻن معصوم ٻارڙن جا مڙهه هڪ ئي گهر مان نڪرڻ وقت ڪهرام مچي ويو. 8 ورهين جي نياڻي سڪينا ۽ سندس 7 ورهين جو ڀاءُ راجا گائنچو جا جنازا کڄڻ مهل علائقي ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته، ٻارڙن کي لاڙڪاڻي جي چلڊرن اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي هو فوت ٿي ويا. رحمت پور پاڙي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته هن پاڙي سميت ٻين علائقن ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن. حر ڪالوني ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي رابيعه ڌي رياض بڙدي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، اڃان ڪيترائي ٻار ارڙي ۾ مبتلا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *