Thursday , April 18 2024

شگرملز نه هلڻ واري معاملي تي سنڌ سرڪار جي ڪن لاٽار برقرار، آبادگارن جو گمبٽ ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو، سنڌ حڪومت نه جاڳي

گمبٽ ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ ۾ شگرملز مقرر وقت گذرڻ باوجود چالو نه ٿيڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، گمبٽ ۾ آبادگارن جو قومي شاهراهه تي سومر ڏينهن صبح کان لڳل ڌرڻو جاري، آبادگارن جي ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي. آبادگارن جي ڌرڻي باوجود سنڌ حڪومت جي ڪن تي جونءَ به ناهي چُري.

گمبٽ ۾ ڪمند جي سوين آبادگارن اگهه مقرر نه ڪرڻ، شگر ملون وقت سر نه هلڻ خلاف قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي جنهنڪري ٻنهي پاسن کان هزارين گاڏيون راڻيپور ۽ خيرپور تائين بيهجي ويون آهن. ڌرڻي ۾ خيرپور ضلعي جي 8 ئي تعلقن جي آبادگارن لعل بخش سيال، چوڌري اصغر هوندل، محمود جمال کهڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن باهيون ڏئي قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. سوين آبادگار سخت سيءَ باجود قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويٺل آهن.

احتجاج ڪندڙ آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته، سنڌ حڪومت ۽ شگر ملز مافيا آڏو لاچار بڻيل آهي، شگرملز مافيا کي اکر به نه ٿا چئي سگهن. هنن چيو ته شگرملز جو مالڪ آصف زرداري هجي يا ڪو ٻيو ان سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي پر، وقت تي ڪمند جي پيڙائي نه ڪرڻ سان ڪمند جا آبادگار معاشي طور تي تباهه ٿي رهيا آهن. ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪري شگر ملون نه هلائي آبادگارن سان  وڏو ظلم ڪري رهي آهي. هنن چيو ته حڪومت پهريان سارين ۽ هاڻي ڦٽين جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪري رهي آهي، جنهن سان سنڌ جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي.

آبادگارن اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪمند جا اگهه مقرر ڪري فوري طور شگر ملز هلايون وڃن.اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته شگر ملز جلد نه هلايون ويون ته سموري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *