Friday , April 19 2024

شڪيل آفريدي جي معاملي تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي:شاهه محمود قريشي

ملتان(سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عافيا صديقي  جيڪڏهن رهيل سزا  پاڪستان اچي پوري ڪري ته ان جي فيملي  کي سهولت ملي  ويندي،اسان سمجهون ٿا ته شڪيل آفريدي ، پاڪستان جي مفادن جي خلاف ڪم ڪيو. ملتان هوائي اڏي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پنجاب جي گورنر چوڌري سرور بابت اسپيڪر پرويزالاهي جي معاملي جي ڄاڻ ناهي. هن چيو ته نيب ۾ ن ليگ جا هلندڙ ڪيس پي ٽي آءِ حڪومت کان اڳ جا قائم ڪيل آهن. هن چيو ته نيب آزاد ادارو آهي، اهو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ٿو. هن پ پ ۽ ن ليگ کي مشورو ڏنو ته اهي ملڪي مفادن ۾ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪن. پرڏيهي وزير  ايل او سي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارت جنگبندي جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي سياستدان پاڪستان کي نشانو بڻائي چونڊون کٽڻ چاهين ٿا، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فائرنگ جي مذمت ڪيون ٿا، ايل او سي تي فائرنگ ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، ڀارت سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هن چيو اسان جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿئي، روس به خطي جو اهم ملڪ آهي، ان کي به امن ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغان امن عمل لاءِ خطي جي ٻين قوتن جو به سهڪار حاصل ڪيو وڃي، پاڪستان چاهي ٿو ته يمن ۾ امن هجي ۽ غلط فهميون ختم ٿين. شاهه محمود قريشي چيو ته نيب ڪيسن ۾ انڪوائرين سان تحريڪ انصاف جو ڪو واسطو ناهي، اهي ڪيس تحريڪ انصاف حڪومت کان اڳ جا آهن، نيب آزاد ادارو آهي ۽ اسان ڪنهن به طريقي سان اثرانداز نٿا ٿي سگهون. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پ پ ۽ ن ليگ کي به گذارش آهي ته پنهنجي مفادن کان مٿانهون ٿي خطي جي مفاد لاءِ سوچين، پيٽروليم جو اگهه تڏهن گهٽجندو، جڏهن خطي جون حالتون درست ٿينديون، ايران جي پيٽروليم ايڪسپورٽ متاثر ٿيندي ته مُلهه به متاثر ٿيندو. سندس موجب تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تاريخي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مليو، معيشت ۾ استحڪام ايندو ته ڊالر جو اگهه گهٽجي ويندو. هن چيو ته جيترو گدلاڻ لاهور ۾ آهي ٻيو ڪٿي ناهي، ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت هڪ ٺوس پروگرام سامهون آڻيندي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *