Wednesday , April 24 2024

شڪارپور ۾ وري قبيلائي تڪرار هڪ ٻارڙي ۽ عورت سميت 13 زندگين جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا، 12 ڪلاڪن تائين پوليس خاموش تماشو ڏسندي رهي

Shikarpur Jatoi 02

شڪارپور جي خانپور واري علائقي ۾ هڪ برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار جي باھ هڪ ڀيرو وري ڀڙڪي پئي آهي، ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان حملو ڪري هڪ واٽهڙو نينگري ۽ عورت سميت 13 زندگين جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا آهن. ڌرين ۾ خوني ويڙھ بعد لڳ ڀڳ 12 ڪلاڪن تائين پوليس، علائقي واسين توڙي ميڊيا جي نمائندن مارجي ويل ماڻهن جي انگ جو اندازو ئي نه ٿي لڳائي سگهيو. رات دير سان علائقي واسين وٽان معلوم ٿيو آهي ته جهيڙي ۾ 13 زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا آهن ۽ ٻنهي ڌرين جا 12 کان وڌيڪ ماڻهو گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيا آهن. شڪارپور پوليس 10 ڪلاڪن تائين خاموش تماشو ئي ڏسندي رهي. جنهن بعد نيٺ رينجرز کي مداخلت ڪرڻي پئجي وئي.

سنڌسماءَچار جي شڪاپور جي عيوضي راحب شيخ معرفت مليل ڄاڻ موجب ڪچي جي فيضو ٿاڻي جي حد ۾ 10 ميل واري علائقي جي بڊاڻي ۽ سعيد خاناڻي جتوئين جي 3 سالن کان هلندڙ تڪرار سبب ڳوٺ محمد اسماعيل بڊاڻي جي رهواسي بڊاڻي جتوئين جي هٿياربندن سومر ڏينهن صبح جو سوير ڳوٺ پيارو سعيد خاناڻي جتوئي تي ڪاهه ڪري راڪيٽن ۽ ٻين هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو. جنهن تي ڳوٺ جي رهواسي سعيد خاناڻي جتوئي واري ڌر جي هٿياربندن مورچا سنڀالي جوابي ڪارروائي ڪندي حملو ڪندڙن جو مقابلو ڪيو، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي راڪيٽن سميت مختلف هٿيارن جو استعمال ڪيو، جنهن سبب علائقو جنگ جي ميدان جو ڏيک ڏيڻ لڳو. ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڳوٺ پيارو سعيد خاناڻي واري ڌر جي ڪجهه هٿياربندن حملو ڪندڙ بڊاڻين جي ڳوٺ اسماعيل بڊاڻي جتوئي تي ڪاهه ڪري ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙن تي فائرنگ ڪري ٽن عورتن سميت 6 ڄڻن کي قتل ۽ ٻن کي زخمي ڪري ڇڏيو ڀڄي ويا. مارجي ويلن ۾ نازل بڊاڻي، رضيا ڌيءَ رحيم بخش بڊاڻي، سدوري زال گلزار بڊاڻي، مجيد بڊاڻي، اسلام بڊاڻي ۽ رحيم بخش بداڻي جتوئي قتل ٿي ويا. حاڪم زال نيڪ محمد هرڙ جتوئي ۽ شاهه بخش پٽ گلزار شر زخمي ٿي پيا.

Shikarpur Jatoi 01

ڳوٺ پيارو سعيد خاناڻي جتوئي ۾ ٿيل ويڙهه جي نتيجي ۾ ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙي جي رهواسي صدر الدين چنا جي 8 ورهين جي ڌيءَ نائلا چنا گولي لڳڻ سبب قتل ٿي وئي، جيڪا مدرسي مان پڙهي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهي هئي، جڏهن ته حملي ۾ سعيد خاناڻي ڌر جا 7 ڄڻا قتل ٿيا، جن ۾ متارو پٽ مزاري سعيد خاناڻي، ڪشمير پٽ گلو سعيد خاناڻي، غلام سرور پٽ مراد سعيد خاناڻي، عطا محمد پٽ شير سعيد خاناڻي، ڪانڊيرو شير محمد سعيد خاناڻي، هزارو پٽ سنجر سعيد خاناڻي، سومر پٽ ڀوجي سعيد خاناڻي شامل آهن، جڏهن ته گلان خاتون ۽ ارباب خاتون سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ واٽهڙو رجب مگسي به شامل آهي، ڳوٺ پيارو سعيد خاناڻي جتوئي ۾ ويڙهه دوران 6 ڪلاڪن کانپوءِ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس علائقي ۾ پهتي پر اها ڌرين جي ويڙهه روڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي تماشو ڏسندي رهي ۽ نيٺ تماشائين وانگر واپس رواني ٿي وئي. علائقي ۾ پوليس جي موجودگي دوران ٻئي ڌريون هڪٻئي تي راڪيٽن ۽ مختلف هٿيارن سان فائرنگ ڪنديون رهيون.

علائقي جا ڳوٺاڻا پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا، ٻنهي ڌرين جي ويڙهه 11 ڪلاڪن تائين لاڳيتو جاري رهي، جنهن کانپوءِ لاڙڪاڻي، قمبر-شهدادڪوٽ، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جا وڏا اٽالا بڪتربند گاڏين سان ۽ رينجرز پڻ پهچي ڳوٺ ۾ داخل ٿي، پوليس ڳوٺ مان ڪجهه لاش ۽ زخمين کي ڪڍي روڊ تي آندو، جتي اهي ٻن ڪلاڪن تائين پيل رهيا، زخمي تڙپندا رهيا پر پوليس کين ٻن ڪلاڪن کانپوءِ اسپتال تائين پهچايو. شڪارپور ۽ خانپور جي اسپتال ۾ 5 لاش ۽ 10 زخمين کي پهچايو ويو، بڊاڻي ۽ سعيد خاناڻي جتوئين جو تڪرار 3 سال اڳ ان وقت شروع ٿيو، جڏهن ته سي آءِ اي پوليس هٿان سعيد خاناڻي جتوئين جا 2 ڏوهاري مقابلي ۾ مارجي ويا هئا. سعيد خاناڻي جتوئين واري ڌر بڊاڻين تي مخبري جو الزام هنيو، ان ئي معاملي ۾ مهينو اڳ پڻ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا هئا، جن ۾ مخبري ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل شخص پڻ شامل هو، جڏهن ته تڪرار شروع ڪرڻ کان هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 26، قتل ۽ اٽڪل 40 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن. هوڏانهن جتوئين جي ان ويڙهه واري واقعي جو سنڌ حڪومت نوٽيس وٺندي شڪارپور جي ايس ايس پي ذيشان صديقي کي هٽائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جي چارج قمبر-شهدادڪوٽ جي ايس ايس پي ساجد سدوزئي جي حوالي ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *