Friday , April 19 2024

شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي قائم ٿيندي،سنڌ اسيمبلي مان بل منظور

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي سخت احتجاج باوجود سکر ۾ بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي ۽ شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي قائم ڪرڻ جا بل منظور ڪيا ويا، مخالف ڌر جي ميمبرن سخت احتجاج ڪندي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار   بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر ۽ شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي جي قيام جا بل پيش ڪيا، مخالف ڌر جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو. ايوان ۾ بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر ۽ شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي جي قيام جا بل اڪثريت سان منظور ڪيا ويا. صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته اسان عورتن کي بهتر موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، مخالف ڌر وارا هروڀرو احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته شيخ اياز جون تعليم جي بهتري لاءَ وڏيون خدمتون آهن، ان ڪري سندس نالي سان شڪارپور ۾ يونيورسٽي قائم ڪري رهيا آهيون. مخالف ڌر اڳواڻ خواجا اظهارالحسن چيو ته اسان کي يونيورسٽي جي قيام وارو بل رات جو مليو آهي،پڙهي نه سگهيا آهيون، بل کي سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو وڃي. اجلاس ۾ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪرڻ وارو بل پڻ منظور ڪيو ويو، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته خيرپور انتهائي اهم شهر آهي، ماضي ۾ خيرپور کي صوبي جي حيثيت حاصل هئي. قائم علي شاهه چيو ته پ پ هميشه تعليم ۽ صحت کي اهيت ڏني آهي،سنڌ سرڪار پاران ملازمن کي مستقل ڪرڻ وارو عمل ساراهه جوڳو آهي. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *