Friday , April 19 2024

شڪارپور پوليس اهلڪارن جي مبينا تشدد ۾ نوجوان قتل

شڪارپورجي ٽن ٿاڻن جي اهلڪارن جو ٻن ڏينهن تائين نوجوان تي لاڪ اپ ۾ تشدد، نوجوان سعيد جاکرو مارجي ويو

شڪارپور(رپورٽر   سنڌسماءَچار) شڪارپور پوليس پاران 2 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان تي مختلف ٿاڻن جي اهلڪارن جو ڌار ڌار تشدد نوجوان سعيد جاکرو کان زندگي کسي ڇڏي، وارثن جو پوليس خلاف لاش سوڌو ڌرڻو، سي آءِ اي انچارج سميت 15 اهلڪار معطل ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم، انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ ٻيهر ڌرڻي جو چتاءُ. شڪارپور جي ٽن ٿاڻن جي پوليس جي مبينا تشدد ۾ 2 ڏينھن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان سعيد احمد جکرو مارجي ويو.

اطلاع ملڻ تي وارثن پهچي لاش وصول ڪرڻ بعد انڊس هاءِ وي تي جيل چورنگيءَ وٽ لاش رکي 12 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. سي آءِ انچارج، ايس ايچ او نيو فوجداري ۽ 15 اهلڪار معطل ڪيو ويو آهي، پر وقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل ناهي ڪيو ويو. نيو فوجداري ٿاڻي جي حد صدر پاڙي واسي نوجوان سعيد جکرو جيل ۾ مبينا تشدد دوران فوت ٿي ويو. وارثن ڌرڻو هنيو ته ايس ايس پي شڪارپور پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ هن ٻڌايو ته نوجوان تي چرس جو ڪيس هلندڙ آهي، تشدد ڪندڙ سڀني اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. مقتول جي وارثن سيشن عدالت ٻاھران احتجاج پڻ ڪيو ھو، جڏھن ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ سول سوسائٽي، قومپرست ڌرين ۽ ساڃاھ وندن احتجاج ڪندي چيو ته نوجوان کي رسن ۽ زنجيرن سان ٻڌي ھن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *