Thursday , April 25 2024

شهيد نائلا رند قتل ڪيس:امر سنڌو،عرفانه ملاح ۽ ٻين کي نوٽيس جاري

حيدر آباد ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ يونيورسٽي ۾ مبينا طور آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي شهيد نائلا رند جي ڪيس ۾ حيدر آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امر سنڌ ۽ عرفانا ملاح سميت لاڳاپيل ڌيرين کي نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته اُهي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائين.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدرآباد نائلا رند ڪيس جي شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي، جڏهن ته  اي ايس پي سهائي عزيز ٽالپر ايس ايس پي ڄامشورو پاران عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪئي، نائلا رند جي وارثن  جي وڪيلن پاران رپورٽ تي اعتراض داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائلا رند ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدرآباد ڪيس جي شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي، جڏهن ته  اي ايس پي سهائي عزيز ٽالپر  ايس ايس پي ڄامشورو پاران عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪئي.

ايڊووڪيٽ  سجاد چانڊيو ۽ علي پلهه نائلا رند جي وارثن پاران وڪالت ناما جمع ڪرايا، ۽ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا عدالت جي  26 سيپٽمبر واري حڪم تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، پنجن ڏينهن اندر  رپورٽ تي اعتراض داخل ڪرايا ويندا.

شهيد نائلا رند ڪيس جي سلسلي ۾ سنڌ سماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب عورتن جي حقن وارين مختفل تنظيمن سان لاڳاپيل، عورت اڳواڻ ڪيس خراب ڪرڻ ۽ ان جو رخ ڪنهن ٻئي پاساي ڦيرائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *