Thursday , March 28 2024

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو وڇوڙو! 21 سال وهامي ويا

Mir Murtiza Bhutto 02

پنهنجي گهر آڏو پوليس جي گهيري دوران کولين جو بک بڻجي ويل شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کي 21 ورهيه گذري ويا آهن پر اڄ تائين خبر ناهي پئجي سگهي ته مير مرتضيٰ ڀٽو کي آخر نشانو ڪنهن بڻايو.

اڳوڻي چونڊيل وزير اعظم شهيد ذوالفقار ڀٽو جي پٽ ۽ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي، سند ڪلفٽن واري گهر کان ڪجھ ڊزن گزن جي پنڌ تي پپر جي وڻ جي ڀرسان گولين جي بک بڻايو ويو هو. ان وقت سندس ڀيڻ بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم هئي ۽ سنڌ جي موجوده وڏي وزير مراد علي شاهه جوا والد سيد عبدالله شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو. سنڌ جو آءِ جي شعيب سڊل هو.

Mir Murtiza Bhutto 04Mir Murtiza Bhutto 03

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو قتل ڪيس 13 سالن تائين عدالت ۾ هلندو رهيو، جنهن ۾ سرڪاري توڙي مدعين جا شاهد عدالتن ۾ پيش ٿي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائيندا رهيا. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس جي جوابدارن مان اڳوڻو صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ٻيا 2008 ۾ باعزت بري ٿي ويا.

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت ۽ مڊايسٽ اسپتال!

Mid East hospital karachi 01

  ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي جي مڊ ايسٽ اسپتال جو فائل فوٽو                                       

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ ٻه -2 تلوار ويجهو سندس اباڻي گهر ستر ڪلفٽن جي وچ تي جهوني پپر جي وڻ هيٺان گولين جو بک بڻايو ويوته، ستر ڪلفٽن کان لڳ ڀڳ اڌ ڪلوميٽر جي پنڌ تي مين ڪلفٽن روڊ تي قائم هڪ نجي اسپتال “مڊايسٽ” اسپتال پهچايو ويو. جتي اها کنوڻ ڪرڻ جو اعلان ٿيو ته، “ مير هاڻي اسان ناهي رهيو” / Mir is not more with us . شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ 13 سالن کانپوءِ جيڪو فيصلو آيو ان ۾ به ڄڻ ته شهيد مير جي موت جو اعلان ڪرڻ جهڙُ ئي هو لفظ ڀلي ڪهڙا به استعمال ٿيا هجن. “مير مرتضيٰ قتل ٿي ويو پر، خبر ناهي ڪنهن قتل ڪيو” – Mir Murtiza Bhutto killed but don’t know who is/ was killer/ murderer.

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت جي پڪ هجڻ وارو اعلان جنهن اسپتال ۽ ان جي آپريشن ٿيٽر ۾ ٿيو هو، اُها اسپتال مير جي شهادت کانپوءِ ويران ٿيندي وئي ۽ نيٺ اها اسپتال بند ٿي وئي عمارت ڊهي وئي ۽ هاڻي ان جي جاءِ تي قائم ڪيل ڪمرشل عمارت جي آفيسز ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي به شايد خبر نه هوندي ته ان عمارت جي جاءِ تي پاڪستان جي چند جديد ترين اسپتالن مان هڪ اسپتال مڊ ايسٽ هئي، شايد اها پاڪستان جي پهرين جديد سهولتن واري اسپتال هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *