Wednesday , April 24 2024

شهيد عزيز ميمڻ جي قتل جو وزيراعظم عمران خان نوٽيس ورتو، آءِ جي کان رپورٽ طلب

شهيد عزيز ميمڻ جي قتل جو وزيراعظم عمران خان نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کان ٻاهتر ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽ ۽ سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جو وزيراعظم عمران خان نوٽيس وٺي ورتو آهي، وزيراعظم آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي هدايت ڪئي آهي ته 72 ڪلاڪن جي اندر عزيز ميمڻ جي قتل بابت مڪمل رپورٽ کيس پيش ڪئي وڃي. سڌسماءَ جي وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظ۾ عمران خان محرابپور ۾ بيرحماڻي نموني شهيد ڪيل صحافي عبدالعزيز ميمڻ جي قتل جو سخت نوٽيس ورتو آهي، فردوس عاشق اعواڻ موجب وزيراعظ۾ عمران خان آءِ جي سنڌ کي  هدايت ڪئي آحي ته عزيز ميمڻ جي جي قتل واري واقعي، ان کان اڳ ۽ پوءِ جي صورتحال بابت ٻاهتر ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ٻه ڏينهن گذرڻ جي باوجود محرابپور پوليس عزيز ميمڻ جي شحادت واري واقعي جي اڃا تائن جاچ ئي شروع ناهي ڪئي، پوليس عزيز ميمڻ جي لاش ملڻ واري هنڌ ۽ ڀرپاسي جي به جيو فينسنگ ناهي ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *