Friday , March 29 2024

شهيد تانيا خاصخيلي جي وارثن کي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون

Tania khaskheli 02

جهانگارا ۾ وحشي جوابدار خانونوحاڻي ۽ سندس ساٿي جوابدارن هٿان والدين آڏو قتل ڪيل نياڻي شهيد تانيا خاصخيلي جي والدين کي جوابدارن جا سهولتڪار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. شهيد تانيا جي والدين ميڊِيا کي ٻڌايو آهي ته، کين بااثر جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، کين مڪمل تحفظ ڏئي سهولتڪارن کي به سوگهو ڪيو وڃي. جڏهن ته اي آءِ جي آفتاب پٺاڻ وارثن کي 23 سيپٽمبر تي ڪراچي گهرائي ورتو آهي.

شهيد تانيا خاصخيلي جي والدين چيو آهي ته جوابدار خانو، مولابخش ۽ عالي سميت سندن ساٿي انتهائي بااثر آهن ۽ سندس سهولتڪار به بااثر آهن جيڪي کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چيو آهي ته جوابدارن جي سهولتڪارن کي به گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي. ڇو ته جوابدارن جا سهولتڪار بااثر هجڻ ڪري سندن حياتين کي به خطرو آهي.

ٻي طرف تانيه قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جهانگارا پهتل پوليس ٽيم وارثن جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بدران شروعاتي معلومات وٺي واپس موٽي وئي آهي. اي آءِ جي آفتاب پٺاڻ جي سربراهيءَ ۾ قائم جاچ ٽيم تانيه خاصخيلي جي وارثن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ 23 سيپٽمبر تي ڪراچي سڏايو آهي.

Tania khaskheli 01

ايڊيشنل آءِ جي آفتاب پٽاڻ جي سربراهي ۾ قائم جاچ ٽيم انسپيڪٽر سراج لاشاري ۽ انسپيڪٽر رانا شفيق  جي سربراهي ۾ جهانگارا پهتي. جاچ  ٽيم واقعي واري هنڌ جو جائزو  وٺي تانيا خاصخيلي جي پيءُ عبدالقادر، امڙ خورشيدان بيگم ۽ سندس ڀينرن کان بيان رڪارڊ ڪري شروعاتي معلومات ورتي. وارثن  شروعاتي معلومات ڏيندي چيو ته تانيا خاصخيلي کي سندن اکين آڏو بي دردي سان گوليون هڻي کيس قتل ڪيو ويو. هنن چيو ته بااثر ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ گهر ڇڏڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي آفتاب پٺاڻ جي سربراهي ۾ قائم ٽيم تانيا خاصخيلي جي وارثن کي  بيان رڪارڊ لاءِ 23 سيپٽمبر تي سڏائي ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *