Thursday , April 25 2024

شهيد بينظير ڀٽو جي اباڻي شهر جي ڊينٽل ڪاليج ۽ ٽيچنگ اسپتال ۾ به دوائون اڻلڀ ٿي ويون

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو   سنڌ سماءَ چار) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شهر لاڙڪاڻي ۾ قائم ڊينٽل ڪاليج ۽ ٽيچنگ اسپتال ۾ گذريل 3 هفتن کان او پي ڊي جي چئن شعبن جو سامان ۽ دوائون ختم ٿي ويون آهن، جنهن سبب غريب مريض ميڊيڪل اسٽورز تان دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه جي نالي تي قائم ڪيل بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج اسپتال ۾ دوائون مهيا ناهي ڪري سگهي. مريضن جو چوڻ آهي ته هر روز دوا لاءِ اسپتال اچون پيا پر دوائون نه هجڻ ڪري واپس وڃون ٿا. ڊاڪٽرن موجب سامان بابت شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي کي لکيو ويو آهي پر هن وقت تائين سامان ۽ دوائون ناهي مليو. ڊاڪٽرن چيو ته جيئن ئي سامان ۽ دوائون ملنديون مريضن کي ڏنيون وينديون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *