Friday , March 29 2024

شهيد بينظير يونيورسٽي جي شاگردياڻي فوزيا جمالي واري معاملي جو گورنر ۽ آءِ جي نوٽيس ورتو

ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي استاد ۽ وي سي پاران جنسي هيسائڻ واري معاملي جو سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي ڪن تي جونءَ به ناهي چُري، گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته، نياڻي کي هيسائڻ واري معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي. شاگردياڻي کي هيسائڻ ۽ سندس والد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سڪرنڊ ۽ نوابشاهه سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويا. نياڻي کي هيسائڻ واريون خبرون ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ شاگردياڻي سان ملاقات ڪري هر ممڪن انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. نوابشاهه بينظير يونيورسٽي جي استاد پاران شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ خلاف سڪرنڊ ۽ نوابشاهه ۾ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن اياز پرهيار، ارباب رند ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي

احتجاج ڪندڙ چيو ته يونيورسٽي ۾شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪندڙ استاد خلاف ڪارروائي ڪري سندس گرفتار ٿيل والد اعجاز جمالي کي آزاد ڪيو وڃي. نوابشاهه ۾ بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي استاد پاران شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ واري خبر ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺندي، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ نوابشاهه ۾ شاگردياڻي فرزانه جمالي جي گهر پهچي ساڻس ملاقات ڪئي. حليم عادل شيخ  فرزانه جمالي سان ملاقات ڪري هر ممڪن انصاف فراهم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *