Friday , March 29 2024

شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺندڙن سنڌ انور مجيد کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏي: ڊاڪٽر فهميده مرزا

بدين( رپورٽر   سنڌسماءَچار) بدين جي ڊي سي چوڪ تي مرزا گروپ پاران سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف جلسو، ڊاڪٽر فهميدا مرزا چيو آهي ته شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺي حڪومتون ٺاهيندڙن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو، سنڌ جا ماڻهو بک پيا مرن، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته حڪمران ننڊ ڪيئن ٿا ڪن، ذوالفقار مرزا چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ بدين جي عوام منهنجو ساٿ ڏنو ته سزا طور پاڻي بند ڪيو ويو، ايندڙ چونڊن ۾ اَدي ۽ اديءَ کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين. جلسي کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي شعور ڏنو ۽ سياست کي جهوپڙين مان ٻاهر ڪڍيو، پر زرداري ٽولي شھيدن جو نظريو دفن ڪري سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ عوام ڪرپشن ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيندو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته گذريل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ماڻهن اسان کي ووٽ ڏنا ته زرداري ٽولي انتقام وٺندي سندن پاڻي بند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته زرداري ٽولي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن حڪمرانن مان جند ڇڏائڻ لاءِ بدين جي عوام کي هاڻي اٿي کڙو ٿيڻو پوندو. جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقار  مرزا چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ اديءَ ۽ ادا کي عوام شڪست ڏيندو، بدين مان زرداري کي ڪجهه به ملڻ وارو ناهي، ڪوڙا سردار ڪجهه به نه ڪري سگهندا. جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا چيو ته بدين جي ماڻهن جو پاڻي بند ڪيو ويو آھي، سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم تباهه آھي، هتان جي عوام کي فرعون کان ضرور بچائينداسين. هن چيو ته ڪمند جو فصل لهي ٿو ته ان جو فيصلو انور مجيد ڪري ٿو ۽ پوليس کي مٿان کان حڪم اچي ٿو ته سمورو ڪمند من پسند شگر ملن تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته سنڌ واسي بک مري رهيا آهن، خبر نٿي پئي ته حڪمران ڪيئن ننڊ ڪري رهيا آهن. شھيدن جي نالي تي ووٽ وٺي اقتدار ۾ اچڻ بعد زرداري ٽولي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته شھيد ڀٽو چوندو هو ته هر ماڻهو ڀٽو آھي، پر حڪمرانن سنڌ ۽ بدين ۾ هر ڀٽو کي ماري هٿ ٺڪيا سردار پيدا ڪري ڇڏيا آهن. جلسي کي حسنين مرزا ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *