Thursday , March 28 2024

شهيدن جو قرض ۽ مرشدن جو فرض لهي ويو،هاڻي سنڌ امڙ لاءِ فرض نڀائڻو آهي: ٽي پي پي سراوڻ علي قاضي

حيدر آباد(رپورٽر  سنڌسماءَچار) تبديلي پسند پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي ايندڙ عام چونڊن ۾ سڄي سنڌ ۾ اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، اڄ کانپوءِ سنڌ جي نئين سڃاڻپ هيءَ آهي ته هاڻي سنڌ واسي ڀوتارن جي چنبي مان آزادي وٺڻ طرف وڌيا آهن، اڄوڪو جلسو تبديلي لاءِ ريفرينڊم ثابت ٿيو آهي. سنڌ جا ماڻهو سڙيا اڳ ئي ويٺا هئا هاڻي انهن کي متبادل به ملي ويو آهي. جيڪي اليڪشن واري ڏينهن پولنگ اسٽيشنز تي وڃي پاڻ سان ٿيل ظلمن جو پلاند وٺندا. علي قاضي حيدرآباد ڀرسان هٽڙي باءِ پاس وٽ پنهنجي پارٽي، تبديلي پسند پارٽي( ٽي پي پي) جي پهرئين جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته، جيڪڏهن ڀوتار حڪومت ۾ نه هجن ته کين ڪو پوليس جوو سپاهي سلام به ڪو نه ڪندو. هاڻي سنڌ جو عوام ووٽ جي ذريعي پلاند وٺندو.

ٽي پي پي جي سرواڻ چيو ته، جيڪي ماڻهو سنڌي ماڻهن کي بيوقوف سمجهن ٿا اهي اصل ۾ پاڻ ئي بيوقوف آهن، هاڻي سنڌ جي اها سڃاڻپ ڪرائڻ ورو لاڙُ ختم ٿيڻ گهرجي ته اُهي ڀوتارن جا غلام آهن. هن چيو ته اڄوڪي جلسي سان ثابت ٿي ويو آهي ته، سنڌ جا ماڻهو ڪنهن جا غلام ناهن رهيا ۽ هي سنڌي ماڻهن جي نئين سڃاڻپ آهي. علي قاضي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته، ا ڄوڪو جلسو سنڌ لاءِ ريفرينڊم ثابت ٿيو آهي،سنڌ جي ماڻهن کي سياسي متبادل ملي ويو آهي. علي قاضي چيو ته، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺندڙن سنڌ ۾ ڪرپشن ذريعي عوام جو پئسو لٽي ڦري پنهنجا گهر ٺاهيا، پاڻ کي ٺاهيو، انهن لاءِ پنهنجي، پنهنجن گهرڀاتين ۽ من پسند ماڻهن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به عزيز نه رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي شهيدن جو قرض به لهي ويو ۽ مرشدن جو فرض به پورو ٿي ويو، اچو ۽ هاڻي سنڌ امڙ جو قرض لاهيون ۽ فرض پورو ڪيون.

علي  قاضي پنهنجي خطاب دوران چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي مقدر جو فيصلو پاڻ ڪندا،تبديلي پسند پارٽي سنڌ جو نئون تعارف آهي. سنڌ جو اهو تعارف بند ٿيڻ گهرجي ته سنڌي وڏيرن جا غلام آهن،سنڌ جو عوام ڀوتارن جي چنبي مان ضرور آجو ٿيندو. تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته سينيٽ جو چيئرمين يا ڊپٽي چيئرمين سنڌ مان چونڊجي اچي ته ان سان فرق نه پوندو،عوام تبديلي چاهي ٿو، ان کي ڪير به روڪي نه سگهندو. سنڌ جي عوام کي بيوقوف سمجهندڙ پاڻ بيوقوف آهن،سنڌ جو هر ماڻهو دردڪٿا آهي، سنڌ ۾ 40 لک ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا آهن.

جلسي کي خطاب ڪندي علي قاضي چيو ته حڪمرانن سنڌ جا کربين رپيا کائي سنڌ تباهه ڪري ڇڏي،عوام کي صاف پاڻي، صحت جون سهولتون ميسر ناهن. سنڌ ۾ 50 لک ٻار اسڪول نٿا وڃن،اسپتالون تباهه آهن. هن چيو ته سنڌ جو عوام لٺ ۽ باٺي سان نه پر ووٽ جي ذريعي پلاند وٺندو،جيڪڏهن ڪو لنگهي اچي ته ان کي پنهنجن ٻچن جو مستقبل ووٽ حوالي ڪري نٿا سگهون. علي قاضي چيو ته ڀوتار حڪومت ۾ نه هجن ته سپاهي به سندن ڳالهه نه ٻڌندو،هي جلسو سنڌ جي گڏيل ڏاهپ جو اظهار آهي. هن واضح ڪيو ته تبديلي پسند پارٽي ڀوتارڪي ذهنيت جو متبادل آهي،سنڌ جو عوام اليڪشن واري ڏينهن تبديلي جو ڏهاڙو ملهائيند.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *