Thursday , March 28 2024

شهباز شريف جو دماغ ڦري ويو آهي: ناصر شاهه

خيرپور ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف المعروف شوباز شريف جو دماغ ڦري ويو آهي، هن مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون سنڌ جي سورمن جو نعرو آهي، ان نعري خلاف ڳالهائي شهباز شريف سنڌ جي سورمن جي توهين ڪئي آهي، ائين ڪرڻ تي شرم اچڻ گهرجي. خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته شهباز شريف نواز شريف جي تاحيات نااهل ٿيڻ جون خوشيون ملهائڻ ڪراچي آيو. صوبائي وزير چيو ته شوباز شريف رُڳو دعوائن جي سياست ڪندو آهي هن وقت تائين لوڊشيڊنگ ته ختم نه ڪرائي سگهيو، گرين لائين منصوبي تي ته 30 کان 40 سيڪڙو ڪم ٿي سگهيو آهي پر سنڌ پنهنجي حصي جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته وفاق پنهنجو ڪم نه پيو ڪري ۽ الٽو سنڌ حڪومت مٿان ڪم نه ڪرڻ جا ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن. هن چيو ته لاهور ۾ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ لڳائڻ باوجود اڄ به جنازا روڊ تي بيٺل گندي پاڻيءَ مان گذري رهيا آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه ميڊيا تي به اچي رهيو آهي. هن چيو ته ملتان تائين سنڌ جو حصو هو پاڪستان ٺهڻ وقت فيڊريشن ۽ رياستون پنجاب ۾ شامل ٿيون اُن وقت جغرافيائي علائقا مختلف هئا جنهن ڪري اڄ اتي احساس محرومي پيدا ٿي آهي، انشاءَ الله ڏکڻ پنجاب ضرور ٺهندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *