Thursday , April 18 2024

شهبازشريف ۽ مريم نواز جي حڪومت سان ڊيل مڪمل

شهبازشريف ۽ مريم نواز جي حڪومت سان ڊيل، مڪمل نواز شريف ۽ مريم نواز جي پرڏيهه وڃڻ ۾ ڪو به رنڊڪ نه بڻجندو

اسلام آباد(خصوصي نمائندو    سنڌسماءَچار) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي وفاي حڪومت سان ڊيل مڪمل ٿي وئي، نواز شريف ۽ مريم نواز هلندڙ مهيني دوران ئي پرڏيهه هليا ويندا، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نيب سميت ڪو به ادارو نواز ۽ مريم نواز جي پرڏيهه وڃڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وجهندو. سنڌسماءَچار کي پنهنجي اسلام آباد مان خاص نمائندي جي رپورٽ مطابق، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جي ضمانتن جي منظوري کانپوءِ نواز ۽ مريم نواز پرڏيهه وڃڻ لاءِ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جا مرحلا مڪمل ڪيا پيا وڃن، ٻنهي ڄڻن جي آزادي ۽ پرڏيهه روانگي جي ممڪن بڻائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف وفاقي حڪومت سان ڊيل ڪري ڇڏي آهي. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته شهباز شريف پاران ڪيل ڊيل ۾ وزيراعظم عمران خان کي وچ ۾ ناهي آندو ويو پر ان سان اهم شخصيتن راضي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي ضمانت ٿيڻ تائين ڪنهن به قسم جي ڊيل يا ان سلسلي ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت نه ٻڌايو هو. ذريعن جي دعويٰ موجب نواز شريف کي سندس ضمانت ٿيڻ کانپوءِ سورسز اسپتال لاهور مان جاتي امراءَ منتقلي به ان جو نتيجو هئي جو نواز شريف مريم نواز جي اچڻ تائين اسپتال مان منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ مريم نواز جي اچڻ بعد ان ئي والد کي گهر منتقلي ۽ طئي ڪيل معاملن بابت مڪمل آگاهي ڏني ۽ کيس راضي ڪيو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته، نيب ۽ وفاقي حڪومت سميت ڪو به نواز شريف ۽ مريم نواز جي پرڏيهه وڃڻ تي اعتراض يا ڪا رنڊڪ نه وجهندو. ٻئي پاسي مريم نواز به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته نواز شريف پرڏيهه وڃي سگهي ٿو. مريم نواز چيو آهي ته صحت هوندي ته سياست به ڪري سگهبي ان لاءِ سڀ کان پهريان صحت ۽ پوءِ سياست آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *