Thursday , April 25 2024

شريف ڪٽنب حديبيه پيپر ملز ڪيس مان جان آجي- وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن فيصلا روڊن تي ٿيندا: جسٽس فائز عيسيٰ

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ شريف ڪٽنب خلاف حديبيا پيپر ملز ريفرنس ٻيهر کولڻ واري نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي، 14 نومبر تي محفوظ ڪيل فيصلو جسٽس مشير عالم پڙهي ٻڌايو، اتفاق راءِ وارو فيصلو ٻڌائڻ دوران جسٽس فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن فيصلا روڊن تي ٿيندا، نيب جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائڻ جو فيصلو نيب چيئرمين ڪندو .

جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ حديبيه پيپر ملز ريفرنس کولڻ بابت نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ خال موجود آهي، ان ڪري انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ريفرنس کولڻ جي اجازت ڏني وڃي. جنهن تي جسٽس مشير عالم چيو ته اسحاق ڊار کي ته اوهان ڌر ئي نه بڻايو آهي، جيڪڏهن اسحاق ڊار جي بيان کي ڪڍيو وڃي ته سندس حيثيت ملزم جهڙي هوندي. ان موقعي تي نيب جي وڪيل چيو ته ملزم نه هجڻ سبب چارج فريم نه ڪيو ويو جڏهن ته اسحاق ڊار معافي نامو ڏنو هو. جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته جنهن بيان تي اوهان ڪيس هلائي رهيا آهيو اهو دستاويز ئي شامل نه ڪيو ويو آهي. عدالت نيب وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته شريف ڪٽنب ريفرنس ختم ڪرڻ لاءِ لاهور هائيڪورٽ وئي ته نيب جاڳي پئي، ڪيترائي سال ڪيس هليو پر چارج فريم نه ڪيو ويو. جسٽس مشير عالم نيب جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير تي عدالت کي مطئمن ڪريو، اسان ريفرنس نه پر اپيل ٻڌاي رهيا آهن. دير ۾ رنڊڪ ختم ڪيو پوءِ ڪيس به ٻڌانداسين.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته آئين تحت چيف ايگزيڪٽو کاتن جي سربراهن جي مقرر ڪندو آهي ۽ انهن ماڻهن جي مقرري ئي ويندي جيڪي عهدي لاءِ اهل هجن.  جنهن تي عدالت چيو ته جنرل مشرف جي دور ۾ نوازشريف کي سزا به ملي ۽ درخواست به داخل ڪرائي وئي، اهڙا ڪيس سياسي نوعيت جا هوندا آهن. 14 نومبر تي محفوظ ڪيل فيصلو جسٽس مشير عالم پڙهي ٻڌائيندي ني جي ريفرنسز کي ٻيهر کولڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي. اتفاق راءِ وارو فيصلو ٻڌائڻ دوران جسٽس فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اهڙو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن فيصلا روڊن تي ٿيندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *