Thursday , March 28 2024

شريف خاندان ۽ نواز حڪومت لاءِ ڏچي مٿان ڏچو

Rana SanaullahTahir ul qadiri

لاهور(سنڌسماءَچار ويب ڊيسڪ) پاناما ڪيس ۾ نواز شريف جي نااهلي کانپوءِ نون ليگ جي مرڪزي ۽ پنجاب حڪومت سميت شريف خاندان لاءِ پريشانين ۾ گهٽتائي اچڻ بدران روز نوان ڏچا پيدا ٿي رهيا آهن.  لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي احتجاج دوران ٿيل پوليس ڪارروائين بابت هڪ آئيني درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. پي اي جي درخواست تي عدالت، ماڊل ٽائون سانحي بابت جسٽس علي باقر نجفي تي ٻڌل ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب حڪومت رپورٽ منظرعام تي آڻڻ کان انڪار ڪندي انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي لاهور جي ماڊل ٽائون سانحي بابت جسٽس علي باقر نجفي تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ منظرعام تي آڻڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ڇڏيو. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ماڊل ٽائون سانحي وارو ڪيس انتهائي اهم ۽ عوامي مفادن جو معاملو آهي، سانحي ۾ جانيون ضايع ٿيون، ماڻهو زخمي ٿيا، ڇا متاثرن کي اهو ڄاڻڻ جو حق ناهي ته سندن ٻار ڪيئن قتل ڪيا ويا. سانحي بابت ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ ڪئي وڃي، هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت سانحي جي انڪوائري رپورٽ پبلڪ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪرڻ لاءِ تياري شروع ڪئي وئي آهي ۽ آئيني ماهرن سان مشورا ڪيا پيا وڃن.

Model town lahore 02Model town lahore 01

سنڌسماءَچار پاران گڏ ڪيل معلومات موجب جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ منظرعام تي آڻڻ کان بچڻ لاءِ شهباز شريف پنهنجي خانداني ۽ پارٽي وڪيلن سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب 23 سيپٽمبر تائين يا ايندڙ هفتي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي ويندي. ان سلسلي ۾ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته واقعو ٻن ڌرين ۾ ٽڪراءُ سبب پيش آيو هو، ان لاءِ ڪابه منصوبابندي نه ڪئي وئي، سنگل بينچ جي فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا پر 25 سيپٽمبر تي فل ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي. رپورٽ منظرعام تي آڻڻ کان انڪار نٿا ڪريون.

لاهور: اسان کي مڪمل انصاف ناهي مليو،انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين ڪاميابي ملي آهي:طاهرالقادري

Tahir ul qadiri

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان عدليه بابت ڪڏهن به بدگماني ناهي ڪئي، جسٽس مظاهر علي اڪبر جي جرئت کي سلام پيش ڪريون ٿا، فيصلو فتح طرف اڳڀرائي آهي، هن چيو ته شهباز شريف ماڊل ٽائون ۾ تاريخ جو بدترين قتلام ڪرايو، واقعي ۾ ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن. جيڪڏهن رپورٽ پبلڪ نه ٿي ته توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪنداسين، هن چيو ته ٽن سالن کان هڪ به شخص کي قانون جي پڪڙ ۾ ناهي آندو ويو. اڄ يتيمن جو آواز ٻڌو ويو آهي، واضح رهي ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي جسٽس باقر نجفي تي ٻڌل هڪ رڪني ڪميشن جوڙي وئي، جنهن شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله سميت ڪيترن ئي وزيرن ۽ پوليس آفيسرن جا بيان قلمبند ڪيا هئا ۽ پنهنجي رپورٽ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن اماڻي هئي پر پنجاب حڪومت اها رپورٽ منظرعام تي آڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ياد رهي ته 17 جون 2014ع تي لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ منهاج القرآن جي مرڪزي آفيس ٻاهران حددخليون هٽائڻ دوران آپريشن ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پوليس جي فائرنگ سبب عورتن سميت 14 ڄڻا شهيد ۽ 100 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *