Saturday , April 20 2024

شريف خاندان آمدني کان وڌيڪ ملڪيتن جا تفصيل ڏيڻ ۾ ناڪام، جي آءِ ٽي رپورٽ ڏئي ڇڏي، نوازشريف خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ جي سفارش

JIT LOGO

پاناما اسڪينڊل کانپوِ پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف پاڪستان ۾ شروع ڪيل تحريڪن ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواستن جو نتيجو اچي ويو. سپريم ڪورٽ پاران پاناما اسڪينڊل جي وڌيڪ جاچ لاءِ نيب، ايف آءِ اي، ايم آءِ سميت 6 ادارن جي نمائندن تي مشتمل ” گڏيل جاچ ٽيم / جي آءِ ٽي“ پنهنجي 10 جلدن تي ٻڌل رپورٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي پاناما ڪيس عملدرآمد بئنچ آڏو پيش ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ گڏيل جاچ ٽيم پاران جمع ڪرايل جاچ رپورٽ بابت سنڌسماءَچار کي مليل معلومات موجب وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز، حسين نواز ۽ حسن نواز سميت اسحاق ڊار ۽ ٻين کان ورتل بيانن ۽ پنهنجي ڪيل جاچ جي 10 جلدن / حصن تي مشتمل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪئي. رپورٽ ۾ جاچ ٽيم سپريم ڪورٽ کي سفارش ڪئي وئي آهي ته، وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز پٽن حسن ۽ حسين نواز خلاف ڪرپشن ڪري ملڪيتون ٺاهڻ جو ريفنس نيب ۾ داخل ڪيو وڃي. ڇو ته انهن پاران ظاهر ڪيل ملڪيتون ۽ ٻي دولت سندن آمدني کان وڌيڪ آهي.

JIT report 01

 جي آءِ ٽي پاران جمع ڪرايل سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ دوران عملدارآمد بئنچ سپريم ڪورٽ ايس اي سي پي چيئرمين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ بابت ڪميشن جوڙڻ جي حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙگڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه  واجد ضياءَ جي سربراهي ۾ رپورٽ تيار ڪرڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾  جمع ڪرائي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي طرفان قطري شهزادي حماد بن جاسم سان خطن جي مٽاسٽا جي جائزي سميت سمورن بيانن ۽ شاهدين کي دستاويزي شڪل ڏني وئي آهي. پرڏيهه مان حاصل ڪيل شاهدين کي به رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. جڏهن ته آڊٽ فورمز جي رپورٽ ۽ دبئي مان ملندڙ دستاويز به رپورٽ ۾ شامل آهن.

جي آءِ ٽي طرفان وزيراعظم نواز شريف، حسن، حسين نواز، مريم نواز، ڪئپٽن صفدر، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، شهباز شريف سميت ٻين شخصيتن ۽ ادارن جي  سربراهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. واجد ضياءَ جي سربراهيءَ ۾ جي آءِ ٽي ٻن دٻن ۾ رپورٽ جا دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا جن مٿان شاهدي لکيل آهي. جي آءِ ٽي جي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ پاناما ليڪس بابت عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

Maryam

سپريم ڪورٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ڪرڻ بابت ڪميشن جوڙڻ جي درخواست رد ڪندي ملوث ماڻهو جو نالا ظاهر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت کي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ۾ دلچسپي آهي ته ڀلي جوڙي، تصوير شايع ڪندڙ ذميوار جو نالو عام ڪرڻ جو اختيار حڪومت حوالي ڪيو ويو آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته عدالت کي حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ۾ ڪابه دلچسپي ناهي. هن چيو ته تصوير ليڪ ڪرڻ تي ڪميشن ٺاهڻ عدالتي اختيار ۾ ناهي، حڪومت عدالتي ڪلهو استعمال نه ڪري. سپريم ڪورٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ وارو معاملو اڪلائي ڇڏيو. اٽارني جنرل رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ايف آءِ اي، ايس اي سي پي چيئرمين ظفر حجازي جي رڪارڊ ٽيمپرنگ جي تصديق ڪندي مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ظفر حجازي جي وڪيل اعتراف ڪيو ته 10 مهينا پهرين رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪئي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته ظفر حجازي ماتحت آفيسرن کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ مٿن دٻاءُ وڌو. هن چيو ته ظفر حجازي پهريون الزامن کي رد ڪيو پوءِ چيو ته کيس ڄاڻ ناهي، ظفر حجازي ڪنهن جي چوڻ تي ٽيمپرنگ ڪئي اهو به ڏسڻو آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *