Friday , March 29 2024

شريف جي کل کوٽيندؤ ته ٻيو شريف نڪرندو! _ الله بخش راٺوڙ

rathore

هي پراڻي روسي چوڻي آهي ته “جيڪڏهن روسي جي کل کوٽيندو ته تاتاري نڪرندو”! هاڻ هي چوڻي شريف ڀائرن تي پوري لهي ٿي.!جڏهن امرجليل اڃان سرڪاري ملازم هو، انهن ڏينهن ۾ اسلام آباد مان Sand from Sindh جي سري هيٺ ڪالم لکندو هو، انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو بدنام ڌاڙيل محب شيدي مارجي ويو هو،امر ڪالم ۾ تبصرو ڪندي لکيو هو ته “A Dacoit is Dead A dacoit is born” هاڻ صورتحال بلڪل ساڳي آهي.جي آئي ٽي ته شريفن جا ڪم لاهي ڇڏيا، ڪلثوم نواز کانسواءِ نوازشريف جي پوري خاندان کي هڪ ئي صف ۾ بيهاريو ويو آهي.!اهڙي صورتحال ۾ ، جڏهن شريفن جو معاملو عدالت ۾ ويو يا کين نااهل قرار ڏنو ويو ته پوءِ سمورو بار وڃي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي هڪ سڱ تي پوندو.ان سان ڪيترن ئي زلزلن جي اچڻو جو خطرو به وڌي ويندو.عام ڏند ڪٿا به اهائي آهي ته زمين جو وزن ڏاند جي سڱن تي هوندو آهي، جڏهن تبديل ڪندو آهي ته زلزلو ايندو آهي.هن ڀيري سياسي زلزلو ته اچي ويو، شريفن کي گهر ڀيڙي ڪرڻ جو سمورو بندوبست ٿي ويو آهي.هاڻ ڏسڻو هي آهي ته مستقبل قريب ۾ کلاڙي جو ڇا ٿيندو؟ زرداري جي جسماني حالت ڪا گهڻي بهتر ناهي، هو ته پنهنجي چيلهه کڻڻ جي به پوزيشن ۾ ناهي.!

جي آئي ٽي جي سفارشن تي غور ڪرڻ لاءِ شريفن جو جيڪو اسلام آباد ۾ اهم اجلاس ٿيو، ان ۾ ڪيترن ئي سياسي آپشنن تي ويچاريو ويو، پر ڪنهن به ڳالهه تي اتفاق نه ٿيو.چون ٿا ته هي پهريون موقعو آهي ته وڏي شريف جي مشڪلاتن وقت ننڍو شريف گهڻو سرگرم نظر نه آيو.هن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.هن جي انهيءَ ادا گهڻن کي حيران ڪري ڇڏيو.هي ساڳيو شهباز شريف هو، جنهن کي جنرل مشرف اقتدار جي آڇ ڪئي هئي، پر هن مائنس نوازشريف ڊيل قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.هن ڀيري ڪجهه ٻيو ٿيو.هڪ طرف نواز ليگ جي ڪنگ ميڪرز جو اجلاس پئي هليو ته ٻئي پاسي وري شهباز شريف کي انهن طاقتور قوتن سڏيو پئي ، جيڪي چاهين ٿيون ته ڪنهن به امڪاني تبديلي يا نوازشريف جي نااهل ٿيڻ جي صورت ۾ شهباز شريف کان مناسب ڪوبه ٿي نٿو سگهي.!هاڻ ميڊيا ۾ نوازشريف ۽ شهباز شريف جي اها تصوير وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ وڏو شريف ، ننڍي شريف کي ڪاوڙ ۽ شڪ واري نظر سان ڏسي پيو.ڄڻ کيس چوندو هجي “You too Brutus!”.

Pm-Nawaz Jhang 01

ننڍي شريف جا طاقتور ڌرين سان هي واسطا ڪي اڄ جا ناهن، پر “پيار ڪا يه سلسله پرانا هي”!نوازشريف جو جڏهن به اسٽيبلشمنٽ سان جهيڙو ٿيو، ته شهباز شريف، چوڌري نثار اينڊ ڪمپني باجماعت جي ايڇ ڪيو پهتا.پهريان ته هو وڏي شريف کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ ويندا هئا، پر هاڻ هما پکي شهباز شريف جي مٿي تي ويهڻ وارو آهي.اهڙي صورتحال ۾ ننڍي شريف جي خوشي کي ته روڪي نٿو سگهجي.هن هينئر تائين جيڪو ڪجهه ڪيو، ان جو ميوو کيس چکڻ لاءِ ملڻ وارو آهي. جيڪڏهن شهباز شريف ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي وڃي ٿو ته پوءِ پنجاب جون واڳون ڪير سنڀاليندو؟ ان لاءِ انگريزي ٻولي جي زبان جي اخبار ڊان لکيو ته “ جيڪڏهن ائين ٿيو ته پنجاب جو وڏو وزير حمزا شريف ئي هوندو”! سڀني کي اميدون هيون ته جيڪڏهن نوازشريف کي ڪوسو واءَ لڳو ته ان جي گدي سندس ڌيءَ مريم نوازسنڀاليندي، پر هاڻ اها ٿيوري به متروڪ ٿي وئي آهي.هر طرف ننڍا شريف ئي هوندا.!

JIT report 02

هي حلقا چون ٿا ته امڪاني تبديلي جي صورت ۾ نوازشريف وٽ ان کان وڌيڪ محفوظ آپشن ٻيو ڪوبه نه هوندو.هاڻ ته اسحاق ڊار جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته اهو ئي نوازشريف جو گادي سنڀاليندو، ان جو خواب به اڌورو رهجي ويو آهي.اسحاق ڊار کي “ايماندار ۽ امانتدار” نٿو سمجهو وڃي.انڪري شريفن جو هي آسرو به ختم ٿي ويو آهي.

جڏهن کان جي آئي ٽي جون سفارشون سامهون آيون آهن، تڏهن کان نوازشريف کي هي مشورو ڏنو پيو وڃي ته هو جيترو جلد ٿي سگهي، اقتدار مان هٿ ڪڍي.هو نين چونڊن جو وقت کان اڳ اعلان ڪري، ائين ڪرڻ سان کيس سياسي طور تي فائدو پهچي سگهي ٿو.پر شريفن جا وڪيل کين غلط مشورا ڏئي رهيا آهن.جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ڪو فيصلو ڏنو يا حڪم جاري ڪيو ته پوءِ جنهن به اداري کي حڪم جاري ٿيو، ان کي اهو قبول ئي ڪرڻو پوندو.هي به چيو پيو وڃي ته هاڻ اهو حڪم ڪيترن ئي اهم پلرز کي گهر ڀيڙو ڪندو.

سياسي پنڊتن جو چوڻ آهي ته هن وقت هڪ طرف سمورو سول نظام آهي، ته ٻئي پاسي وري هڪڙو شريف خاندان آهي.جيڪڏهن نوازشريف معمول مطابق ضد ڪيو ته هن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئجي سگهي ٿي.هن وقت شريفن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ وڃي مخدوم جاويد هاشمي بچيو آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته “هن ملڪ ۾ جج ۽ فوجي به ڪرپٽ آهن” انهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي.سوال هي آهي ته مخدوم هاشمي کي نوازليگ ۾ ڪٿي جاءِ ملي ڪونه، اهڙي صورتحال ۾ ڪٿي هو پنهنجو مستقبل سنوارڻ جي ڪوشش ته نه پيو ڪري؟ هي ڪو اڄ جو معاملو ناهي، سالن جو پراڻو آهي، ملڪ جون جيڪي مقدس ڳئون آهن، انهن تي الزام آهن ته انهن جي صفن ۾ به ڪرپشن عام آهي.بقول هي دوست جي ته هي مقدس ڳئون گهرن ۾ ست ست اي سي هلائين ٿا، پر پنهنجن ماتحتن کي حڪم ڪن ٿا ته سندن بجلي جو بل هڪ هزار رپين کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي! هي ڪيترا رعايت يافتا آهن، ان جو اندازو ته انهن کي ئي هوندو، جيڪي ان نظام جو حصو آهن.ائين جيئن چئبو آهي ته “مردي کي ئي قبر جي حال جي خبر هوندي آهي”!هو ته چاهين ٿا ته دنيا جي سمورين نعمتن تي پهريون ۽ آخري حق انهن جو آهي.هو وردي ۾ هجن يا بنا وردي جي انهن جي مفادن جو خيال جتي ڪٿي ڪيو ويندو آهي.انهن ۾ اها عادت به ڪمزور سويلين وڌي آهي.جيڪڏهن اهي هڪ طرف ٿي بيهن ها ۽ انهن کي محفوظ رستو فراهم نه ڪن ها ته مجال آهي جو هو من مانيون ڪن ها.هي معاملو سموري نظام جو آهي.جنهن ۾ ڪجهه مقدس ڳئون آهن ۽ ڪجهه خراب بيدا سمجها وڃن ٿا.اصل ۾ کوڙي کي گهمرو آهي.طاقت جو نشو، جنهن وٽ آهي، اهي جيئن چاهين ٿا،ملڪ جو وهنوار هلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.سو هاڻ هاشمي ، نوازشريف جي ڪنهن به ڪم اچي نٿو سگهي، ڳالهه گهڻي پري تائين نڪري وئي آهي.هاڻ نوازشريف جي گهر ڀيڙي ٿيڻ کانسواءِ ڪوبه آپشن ناهي.شريفن کي ته پاسيرو ٿيڻو آهي، پر کلاڙي جو ڇا ٿيندو؟ جيڪو خطري جي لائين جي ويجهو آهي!تهوڏا ڪيا بني گا ڪاليا…..!

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *