Friday , April 19 2024

شرجيل ميمڻ ۽ ذوالفقار شهلياڻي جي ڪرپشن جو ڪيس

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيلن چيو ته ڪيس اسپيشل بئنچ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته توهان وقت ضايع ڪرڻ بدران پنهنجا دليل مڪمل ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، اڳوڻو سيڪريٽري ذوالفقار شهلياڻي ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيلن دليلن ۾ چيو ته هن ڪيس جي قانوني نقطن تي اسپيشل بينچ جوڙي وئي آهي، ڪيس کي ٻڌڻ لاءِ اسپيشل بينچ  ڏانهن موڪليو وڃي.

عدالت وڪيلن سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪو معاملو توهان کڻي رهيا آهيو، اهو هن ڪيس سان تعلق نٿو رکي، توهان وقت ضايع ڪرڻ بدران دليل ڏيو. عدالت دوخواست گذار اڪبر انعام کي گهرائي پڇيو ته اوهان ڇا ٿا چاهيو؟ انعام اڪبر جي وڪيل اظهر صديق دليلن ۾ چيو ته احتساب عدالت گرفتاري وارنٽ جاري نٿي ڪري سگهي. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *