Friday , April 19 2024

شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان مليل هڪ بوتل ۾ شراب هو، چالان ۾ شرجيل شريڪ جوابدار نامزد

ڪراچي( رپورٽر     سنڌسماءَچار) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ واري ڪيس جي جاچ آفيسرشرجيل ميمڻ کي شريڪ جوابدار قرار ڏيندي چيو آهي ته،  عدالت ۾ جمع ڪرايل چالان ۾ چيو ويو آهي ته، ڪمري مان مليل ٽن مان هڪ بوتل ۾ 2 اِنچ شراب موجود هو، اسپتال واري ڪمري ۾ غيرقانوني چرپر به ٿي رهي هئي، جوابدارن ثبوت ضايع ڪندي شراب جون بوتلون ڪچري جي ڊَٻَي ۾ اُڇلائڻ جو اعتراف ڪيو آهي. جڊيشل مئجسٽريٽ ڪراچي ڏکڻ جي عدالت ۾ ضياءَالدين اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ واري ڪيس جو چالان پيش ڪيو ويو، جاچ آفيسر چالان ۾ شرجيل ميمڻ کي شريڪ جوابدار قرار ڏنو آهي .چالان ۾ چيو ويو آهي ته، شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان 3 بوتلون مليون هيون، جن مان هڪ بوتل ۾ 2 انچ شراب هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پهرين آگسٽ تي معلوم ٿيو ته ڪمري ۾ غيرقانوني چرپر ٿي رهي آهي،سي سي ٽي ڪئمرائن ۾ نامزد جوابدار جون شڪي سرگرميون پڻ نظر آيون آهن.  جاچ آفيسر موجب جوابدار شڪر الدين، مشتاق علي ۽ محمد ڄام ڪيس ۾ ڳڙ ٻڙ جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدار شڪرالدين اعتراف ڪيو ته شراب جون بوتلون هن گند جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايون هيون. جاچ آفيسر چالان ۾ چيو ته ڪمري مان سگريٽ جو هڪ پيڪيٽ پيڪ ۽ هڪ کليل مليو، ڪيس ۾ 15 شاهدن جا نالا شامل آهن. چالان ۾ شرجيل ميمڻ کي گرفتار ظاهر ڪيو ويو، جوابدار شڪرالدين، مشتاق علي ۽ محمد ڄام ضمانت تي آزاد آهن. چالان ۾ چيو ويو ته اسسٽنٽ جيل سپرنٽينڊنٽ نسيم احمد شجره ۽ ڪورٽ پوليس اهلڪار حبيب الله روپوش ٿيل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *