Friday , April 19 2024

شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪيو،سنڌ اسميبلي مان ٺهراءُ منظور

ڪراچي (سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي مان  شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪرڻ وارو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ٿي ويو، ڪورم پورو نه هئڻ خلاف مخالف ڌر جو احتجاج، ڊپٽي اسپيڪر ميمبرز جون مائيڪس بند ڪرائي ڇڏيون، احتجاج ڪندي نصرت سحر ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، شيم شيم جا نعرا. ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ۽ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ عبدالستارراڄپر صوبي جي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي بحالي بابت ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو منظُور ڪيو ويو.

ٺهراءُ ۾ هن چيو ته سنڌ اسيمبلي  اسٽوڊنٽس يونين تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جو ٺهراءَ منظور ڪري ته جيئن شاگرد تعليمي ادارن ۾ پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري سگهن. پ پ ميمبر خيرالنساءَ مغل چيو ته تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين مٿان پابندي غير جمهوري عمل آهي، اهو هڪ آمر جو قانون هو ان ڪري اهو جمهوريت خلاف هو، پ پ جي خورشيد جوڻيجو چيو ته 1964ع ۾ شاگرد يونين جو بنياد پيو، ايوب خان کي هٽائڻ ۾ شاگرد يونين جو به اهم ڪردار رهيو، انهن شاگرد يونين مان ليڊر پيدا ٿيندا هئا، انهن جون جيڪي به سرگرميون هونديون آهن اهي سياسي هونديون آهن، يونين مٿان پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي، تحريڪ انصاف جي ثمر علي چيو ته ٺهراءُ جي حمايت ڪيون ٿا. پ پ ميمبر غزالا سيال چيو ته شاگرد يونين مٿان پابندي ختم ٿيڻ سان شاگردن جا مسئلا حل ٿيندا.

پ پ ايم پي اي سعيد غني چيو ته جڏهن کان شاگرد يونين مٿان پابندي لڳي آهي نظرياتي سياست هن ملڪ کان پري هلي وئي آهي، شاگرد يونين سميت ٽريڊ يونين کي به آئيني حق ڏيڻا پوندا، ضياءَ الحق جي وڃڻ بعد به اسان جون حڪومتون آيون پر پ پ  سميت ڪير شاگرد يونين جي بحالي بابت مڪمل ڪم نه ڪري سگهيو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته شاگرد يونين جي مڪمل بحالي لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. شاگرد يونين جيڪڏهن هٿيار استعمال ڪن ٿيون ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي پر تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي آزادي وارو ماحول ڏيڻو آهي ته شاگرد يونين کي بحال ڪرڻو پوندو.

پ پ جي اويس قادر شاهه چيو ته شاگرد يونين مٿان آمريتي دور ۾ پابندي لڳي ان کي جمهوري حڪومت  بحال ڪن، شاگرد يونين کي ڊڪٽيٽر پنهنجي خوف سبب بند ڪيو، تعليمي ادارن ۾ سنڌ، مهاجر، پٺاڻ ۽ بلوچ کي نٿو ڏٺو وڃي، هن چيو ته يوسف رضا گيلاني شاگرد يونين کي بحال ڪرڻ چاهيو پر نه ڪري سگهيو، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي شاگرد يونين جي بحالي لاءَ آگسٽ 2017ع ۾ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پ پ جي نعيم کرل ۽ شميم ممتاز چيو ته  هي سڄي هائوس جو ٺهراءُ آهي، جڏهن کان شاگرد يونين مٿان پابندي لڳي ان ڏينهن کان انقلاب اچڻ بند ٿي ويا، اتان ليڊر شپ نڪري رهندي هئي. صوبائي وزير امداد پتافي چيو ته آمريت جي ڪري اڄ به ملڪ پنهنجي پيرن تي ناهي بيهي سگهيو، شاگرد يونين نه هجڻ سبب مذهبي انتها پسندي ۾ اضافو ٿيو آهي. پ پ جي جاويد ناگوري چيو ته جڏهن ضياءَ الحق آيو ته ان شاگرد يونين ۾ هٿيار آندو. هڙن ماڻهن کي سياست ۾ آندو، جنهن سان جمهوريت کي نقصان ٿيو. ايم ڪيو ايم جي زبير احمد چيو ته شاگرد يونين مٿان پابندي واري قانون جو خاتمو ضروري آهي، ميمبرن جي ڳالهائڻ کانپوءِ ايوان يڪراءُ شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪرڻ وارو ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.

اجلاس ۾ آبپاشي کاتي بابت وڏي وزير بدران سينيئر وزير نثار احمد کهڙو جواب ڏنا، ان موقعي تي فنڪشنل ليگ جي عورت ايم پي اي نصرت سحر عباسي سال 2013ع ۾  پڇيل سوال 2017ع ۾ اچڻ تي ايوان مان احتجاج ڪندي ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهڙي روايت قائم رهي ته پوءِ اهو ايوان جو وقت ضايع ٿيڻ برابر آهي. جيڪڏهن حڪومت 9 سوالن جا جواب نه ڏنا ته مان روزاني واڪ آئوٽ ڪندي رهنديس. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته ميمبرز جا آيل سوال وڌيڪ آهن ان ڪري تازا سوال نٿا اچي سگهن، قومي اسيمبلي ۾ به ائين ئي ٿيندو رهندو آهي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اعتراض صرف هڪ ميمبر کي آهي ٻين ميمبرن کي ناهي، جيڪڏهن پراڻن سوالن جا جواب کاتو هاڻ  ڏيندو ته ان تي ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.

ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته نصرت سحر جو سوال مان پڇڻ چاهيان ٿو ان تي ڊپٽي اسپيڪر ان کي اجازت نه ڏني  ۽ چيو ته نصرت سحر ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪيو آهي ان ڪري سوال ختم ٿي ويو. رعنا انصار جي غير موجودگي ۾ سوال اچي نه سگهيو، ڪامران اختر ۽ شهريار مهر جي غير موجودگي سبب سوالن واري سيشن کي ختم ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي ڪامران اختر جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس سندس نه هجڻ ڪري پيش نه ٿيو. ڊپٽي اسپيڪر  پي ٽي آئي جي سيما ضياءَ کي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ جو چيو، جنهن تي سيما ضياءِ چيو ته نصرت سحر کي سوال پڇڻ ڏيو  جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ۽ سيما ضيا ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته  ڪير به مون کي ڊڪٽيشن نٿو  ڏئي سگهي،  ڊپٽي اسپيڪر سيما ضياءِ  کي به ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ نه ڏنو ۽ ڪارروائي اڳتي هلائيندي نصرت سحر عباسي کي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ جو چيو  جنهن ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ کان اڳ شيم شيم چوندي رهي ۽ چيو ته  هن ايوان ۾ سڀ کان وڌيڪ رولنگ وارا لفظ حظف ٿيڻ جا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *