Friday , March 29 2024

شاهپور جهانيان مان فقير سوگهو، 2 لک 80 هزارن کان وڌيڪ رقم هٿ

شاهپور جهانيان مان فقير سوگهو، 2 لک 80 هزارن کان وڌيڪ رقم هٿ

قاضي احمد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شاهپورجهانيان ۾ پوليس پينو فقيرن جي پويان پئجي وئي، هڪ پينو فقير کي سوگهو ڪري وٽائنس 2 لک 80 هزار رپين کان وڌيڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته پينو فقيرن خلاف ڪارروائي دوران هڪ فقير ميرل ڪلهوڙي جي تلاشي ورتي ته هن وٽان پوڻان 2 لک رپين کان وڌيڪ رقم ملي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. شاهپورجهانيان شهر ڀرسان شگرملز اسٽاپ ڀرسان پوليس تلاشي دوران هڪ پينو فقير ميرل ڪلهوڙي کان تلاشي ورتي، پوليس جي دعويٰ آهي ته تلاشي دوران فقير وٽان هڪ لک 83 هزار رپيا روڪ رقم، هڪ موبائيل فون ۽ هڪ ٽارچ هٿ آئي ڪئي وئي  آهي.

پوليس موجبفقير ميرل ڪلهوڙو کي باقائده گرفتار ڪري گداگيري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ فقير کان پڇاڳاڇا به ڪئي پئي وڃي، کيس ڇنڇر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.  پوليس گرفتار فقير کان پڇاڻو ڪيو ته ايڏي وڏي رقم اوهان وٽ ڪٿان آئي، چوري ڪئي يا وري ڌاڙو هنيو اٿئي، جنهن تي فقير سمورن الزامن کي رد ڪندي پوليس کي بيان ڏنو ته هن اها رقم گدگيري مان جمع ڪئي آهي. پوليس شڪ جي بنياد تي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني. پوليس جو چوڻ آهي ته فقير وٽان ايڏي وڏي رقم هٿ اچڻ تي شڪ پيدا ٿي رهيا آهن، جنهن ڪي بنياد تي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ضرورت پوڻ تي فقير وٽان هٿ آيل موبائيل فون جي ڊيٽا حاصل ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *