Saturday , April 20 2024

شاهه پور چاڪر ۾ مسافر ڪوچ ۽ رڪشاس ۾ ٽڪر،10 ڄڻا فوت

نوابشاهه ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) شاهه پور چاڪر ويجهو مسافر ڪوچ جي چنگچي رڪشا کي ٽڪر ۽ ڪوچ جي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا فوت 22 کان وڌيڪ مسافر ڦٽجي پيا آهن. شاهه پور چاڪر ويجهو ڳوٺ شرف الدين بُگٽي ڀرسان تيز رفتار مسافر ڪوچ چنگچي رڪشا سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سوار مسافرن مان نسيما کوکر، زبيده، شاهدا کوکر، ثريا کوکر، عامر، عائشا، يوسف ۽ عليشا کوکر سميت 10 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، حادثي بعد پوليس، ريسڪيو ٽيم ۽ علائقي واسين لاش ۽ زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد فوتين جا مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا، زخمين جو علاج هلندڙ آهي.

اسپتال جي عملي جو چوڻ آهي ته حادثي جي زخمين مان 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون به حادثي واري هنڌ پهتيون. ريسڪيو آپريشن دوران ڪلٽي ٿيل بس کي ٻن حصن ۾ ڪٽڻ بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ چنگچي تي سوار کوکر برادري سان واسطو رکندڙ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جيڪي پاڻ ۾ مائٽ هئا. رڪشا ۾ سوار مسافر کڏڙي کان شاهپور چاڪر وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *