Friday , April 19 2024

شاهه لطيف يونيورسٽي جي شاگرد مٿان قتل ڪيس داخل، فيض گنج ۾ شاگردن جو احتجاج

عرفان چانڊيو خلاف جڙتو ڪيس ختم ڪري بااثر ماڻهن ۽ ڊکڻ پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي:فيض گنج جا شاگرد

فيض گنج (رپورٽ ضياء آرائين   سنڌسماءَچار) پڪاچانگ ۾، ڊکڻ پوليس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگرد مٿان ٽن خونن جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج، ڪيس ختم ڪري شاگرد عرفان چانڊيو کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو. انٽرنيشنل ريلشنز جي شاگرد عمران چانڊيو خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪرڻ خلاف پڪاچانگ ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردن سول سوسائيٽي جي اڳواڻن ڪاشف شر، محمد حسين شر، عاقب شر، خادم حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڊکڻ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاجي مظاهري  کي خطاب ڪندي شاگردن چيو ته، 15 ڏينهن اڳ ڊکڻ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٽي ڄڻا مارجي ويا هئا، ڊکڻ پوليس بااثر ماڻهن جي ونگار وهندي، جهيڙي ۾ ملوث نه هجڻ باوجود شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي آءِ آر ڊپارٽمينٽ جي شاگرد عمران چانڊيو کي ٽن خونن جي ڪوڙي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻائي کيس گرفتار ڪرائي جيل اماڻيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ هو ته، دانهيو ته جهيڙي کان اڳ عمران چانڊيو جو روڊ حادثو ٿي پيو هو، جيڪو معذروي واري حالت ۾ گهر ۾ آرامي هو، پر تنهن باوجود به کيس قبيلائي جهيڙن جي ور چاڙهي علائقي جا بااثر نوجوان کان تعليم کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هنن گهر ڪئي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري عمران چانڊيو سان انصاف ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته عرفان چانڊيو خلاف بااثر ماڻهن جي هُشي تي داخل ڪرايل جڙتو ڪيس جي اڻڌري جاچ ڪرائي کيس انصاف ڏنو وڃي، جڙتو ڪيس داخل ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *